|
بينظير جي جنم تاريخ ته ستاويهين ڊسمبر آهي! پروفيسر عبدالله ملاح غير معمولي انسانن جي ڄمڻ ۽ مرڻ جي تاريخن تي وڏا شديد اختلاف رهيا آهن،اهي اختلاف اڃان تائين قائم آهن ۽ غير معمولي انسانن جي ڄمڻ ۽ مرڻ جون تاريخون اڃان تائين چٽيون نه ٿيون آهن، پري ڇو وڃجي سهڻي جي ڄمڻ جي تاريخ تي مير علي شير قانع ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا پاڻ ۾ وڏا اختلاف رهيا آهن، شاهه صاحب جو خيال آهي ته، سهڻي ان ڏينهن ڄائي هئي، جنهن ڏينهن هن ميهار جي عشق ۾ درياءَ ۾ ٽپو ڏنو هو، سسئي ان ڏينهن ڄائي هئي، جنهن ڏينهن ڀنڀور ڇڏي هن پنهون جا پير کنيا هئا. هير جي جنم تاريخ تي امرتا پريتم ۽ وارث شاهه جا هير جي مائٽن سان اختلاف رهيا آهن، قرت العين طاهره جي جنم تاريخ تي اهلِ فارسي ۽ حافظ شيرازي، شيخ سعدي جا مختلف رايا آهن. محترمه بينظير ڀٽو جي جنم تاريخ چٽي ڪرڻ به ڏکيو ڪم آهي، هي ڪم ايڏو سولو ۽ آسان ناهي، ڊاڪٽر پنٽو جي اسپتال جي رڪارڊ موجب محترمه بينظير ڀٽو 21 جون 1953ع ۾ ڄائي ۽ کيس ”پنڪي“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو، ذوالفقار علي ڀٽو ته کيس آخري ملاقات تائين ”پنڪي“ جي نالي سان سڏيندو هو، پر ڪجهه تاريخ جي غير معمولي ماڻهن جا سندس ڄمڻ جي تاريخ تي هميشه اختلاف رهيا آهن، جن ۾ فيض احمد فيض، احمد فراز، حبيب جالب، سرويچ سجاولي ۽ شيخ اياز اچي وڃن ٿا، هنن مان ڪن جو خيال آهي ته، بينظير جي جنم تاريخ 3 اپريل 1979 آهي، جڏهن هن فوج جي پهري ۾ هڪ قيدياڻي جي حيثيت ۾ پنهنجي ماءُ نصرت ڀٽو سان گڏجي پنڊي جيل جي ڦاهي گهاٽ ۾ پنهنجي ذهين بهادر ۽ عالمگير شخصيت جي ڌڻي والد ذوالفقار علي ڀٽي سان آخري ملاقات ڪئي هئي، جنهن ملاقات ۾ هن چيو هو ته، اسان هي ملڪ نه ڇڏينداسين، اسان پنهنجي ٺاهيل پارٽي کي مضبوط ڪنداسين، مغرور جنرل ضياءَ سان آخري پهر تائين وڙهنداسين، رات کي صبح نه چونداسين. ممڪن آهي ته اها ڳالهه صحيح هجي ته محترمه بينظير ڀٽو جي جنم تاريخ 3 اپريل 1979ع هجي، پر ڪجهه تاريخدانن جو وري ان تاريخ سان اختلاف آهي، انهن حسين بن منصور، گانڌي، شيخ مجيب الرحمان جون جنم تاريخون لکيون آهن، بلڪه وڏي محنت ۽ جفاڪشي ڪري انهن ماڻهن جون نه رڳو فقط جنم تاريخون هٿ ڪيون آهن، پر اهي ثابت به ڪيون آهن، هنن اهي تاريخون اسڪولن ۽ اسپتالن مان هٿ نه ڪيون پر هنن اهي تاريخون بنگال جي سڻي جي گلن جي پنکڙين، بغداد جي گهٽين جي رت، گڏيل خاڪ، هندستان جي لوڪ گيتن جي رڌم سوز ۽ روءِ زمين جي ٻولين ۽ پارن جي ورلاپن مان لڌيون آهن، ان ڪري هو ڊاڪٽر پنٽو جي رڪارڊ توڙي ڪراچي، پنڊي، مري، هارورڊ جي رڪارڊ ۾ ڄاڻايل جنم تاريخ سان متفق ناهن. هنن تاريخدانن جو چوڻ آهي ته، اهي ڪردار، اهي شخص، اهي انسان جيڪي خوف لالچ ۽ ڊپ، مايوسي ۽ تنگ دلي ۽ بي مروتي جون زنجيرون ٽوڙي بهادري، عشق، وفا ۽ سڀاءُ جا عظيم زيور پائي ڌرتي تي مارچ ڪندا آهن. انهن جي موت ۽ انهن جي جنم جون تاريخون اهي نه هونديون آهن، جيڪي گهرن جي ڊائرين اسپتالن جي رڪارڊن ۽ اسڪولي سرٽيفڪيٽن ۾ ڄاڻايل هونديون آهن،بلڪه انهن جي جنم ۽ موت جون تاريخون مقتلن جي درن تي لڳل خون جي داغن سان معلوم ڪبيون آهن، دريائن جي ڇولين جي زبانن تي انهن جي جنم ۽ موت جون تاريخون زمانن تائين ورجائبيون رهنديون آهن. انهن قومن جي نماڻن نيڻن جي گهرائين ۾ اهي تاريخون لکيل هونديون آهن، ان حساب سان محترمه بينظير ڀٽو جيڪا خوف جون سڀ زنجيرون ٽوڙي پنهنجي عشق جي آخري نتيجي کي قبول ڪري، وصيتون لکي پنهنجي اولاد کي آخري چميون ۽ سندن سالگراهن جا اڳواٽ تحفه ڏئي سنڌ پهتي هئي، 18 آڪٽوبر جي ڌماڪن کانپوءِ رستن تي هاريل رت ۽ ڳڀا ڳڀا ٿيل پنهنجي همسفرن جا لاش ڏسڻ کانپوءِ به نه ڊني هئي، نه ويٺي هئي، نه پوئتي هٽي هئي، جڏهن اٿي بيٺي ته رهزن جا سڀ رڻ، سڀ ستم گري جا جبل، سڀ دهشت جا درياءَ هن جي اڳيان هٽي ويا، جيڪا خوشبوئن، غزلن، زيارتن جي حسين سر زمين ايران جي شخصيت مرزا عبداللطيف مجنفي جي ڏوهٽي هئي، جيڪا وزيراعظم جهونا ڳڙهه سر شاهنواز ڀٽو جي پوٽي هئي، ذوالفقار علي ڀٽي جي ڌيءَ هئي، ان جي جنم تاريخ 27 ڊسمبر 2007ع آهي، 21 جون 1953ع ۾ هو فقط ڀٽي خاندان ۾ ڄائي هئي، هن تاريخ تي هو وطن جي وڻ وڻ ۾ ڄمي پيئي هئي،هو سنڌ جي صبح جي هير ۽ سنڌو درياءَ جي وير ۾ ڄائي هئي، سنڌو ڪناري جي ٻنهي ڪپرن ۽ ڪنڌين تي آباد انسانن جي ضميرن روحن ۽ اکين ۾ ڄائي هئي. |