قمبر (ن ڪ)

سنڌ جي اديبن ۽ فنڪارن جي انشورنس ڪرائي ويندي:مونس اياز

شڪارپور(ن ڪ) ڊائريڪٽر جنرل ثقافت ۽ سياحت مونس اياز سان بيدل پبلڪ لائبريري ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان رهاڻ رچائي وئي. ان موقعي تي مونس اياز سنگت جي مطالبي تي هڪ هال  جونالو جگناٿ هال واپس رکڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ائين پيو محسوس ٿئي ته اديبن کي ڪنهن ڳجهي سازش  تحت هر آمريت واري دور ۾ خوار خراب ڪيو ويندو آهي ته جيئن ڪا جمهوري  ۽ عوامي حڪومت تخليق نه ٿي سگهي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي اسلام آباد  تائين پهچائڻ واري پ پ آهي. هن چيو ته سنڌ اندر فنڪارن ۽ اديبن جي سهائتا لاءِ  40  لک رپيا ڏنا ويندا، جن جي انشورنس به ڪرائي ويندي. سياحت ۽ ثقافت کاتي طرفان ڪراچي کان ڪشمور تائين مختلف  شهرن  ۾ 16 اسپتالون پئنل تي رکيون ويون آهن ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪلچرل ڪامپليڪس ٺهرايا ويندا، جن ۾  شڪارپور کي ترجيح ڏني ويندي. ان  کان اڳ تاج جويي خطاب ڪندي چيو ته مونس اياز فن فڪر ۾ مجسم اياز آهي، جيڪو سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجي والد جهڙو ڪردار نڀائيندو. ان موقعي تي ڊاڪٽر ادل سومري، ڊاڪٽر بدر اڄڻ، ممتاز منگي، ڊاڪٽر انور فتار هڪڙي، نسيم بخاري زبير سومرو ۽ ضياءَ شاهه سميت ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن ويچار ونڊيا.