ڪنري (ن ڪ)

ڪامورن جي لاپرواهي: ٿر جهڙي پٺتي پيل ضلعي جي ترقياتي اسڪيمن جا ساڍا 26 ڪروڙ ليپس ٿي ويا

مٺي(رپورٽ: کاٽائو جاني) مالي  سال  08-2007ع جي  25 جون تي ڪلوزنگ ٿيڻ بعد سنڌ جي پٺتي پيل ضلعي ٿرپارڪر جي ترقياتي اسڪيمن جي سالياني ساڍا 26 ڪروڙ رپيا آفيسرن جي بي ڌيانيءَ ۽ لاپرواهيءَ سبب ليپس ٿي ويا، جڏهن ته ٻئي طرف نئين سنڌ حڪومت مئي ۽ جون مهينن ۾  ضلعي حڪومت ٿرپارڪر کي ترقياتي اسڪيمن ۽ ٻين مدن ۾ 6 –6 ڪروڙ رپيا گهٽ جاري ڪيا، ان سلسلي ۾  ”ڪاوش“ طرفان ضلعي  حڪومت ٿرپارڪر جي مختلف کاتن کان گڏ ڪيل معلومات موجب مالي سال 08-2007ع جي ڪالهه (25 جون تي) سنڌ حڪومت جي هدايتن تي ترقياتي اسڪيمن جي سالياني خرچن جي ڪلوزنگ  ڪئي وئي آهي، جنهن بعد ضلعي ٿرپارڪر جي اي ڊي او روڊ ۽ ورڪس اينڊ سروس کاتي ۾ 16  ڪروڙ رپيا ليپس ٿي ويا، ٻئي  پاسي ساڳئي طرح اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جي ٿر  پئڪيج ۾ ضلعي ٿرپارڪر جي صحت  کاتي کي 2 سال  اڳ  13 ڪروڙ 80 لک رپيا جاري ٿيا، جنهن مان 4 ڪروڙ رپيا خرچ نه ٿي سگهڻ سبب  ليپس ٿي ويا  آهن، اي ڊي او روڊ، سروس اينڊ ورڪس کاتي مان ليپس  ٿيل انگ اکرن موجب ڏيپلو-مٺي روڊ لاءِ 4 ڪروڙ  31 لک  40 هزار مان   83 لک 91 هزار رپيا ليپس ٿيا آهن، اي ڊي پي اسڪيم 579 لاءِ 2 ڪروڙ  40 لک رپين مان   2 ڪروڙ   14 لک 55 هزار  رپيا ليپس ٿيا آهن، ساڳئي طرح ٻگهل کان  ڏاهلي روڊ لاءِ رکيل رقم هڪ ڪروڙ  25 لک مان صرف 75  لک رپيا واپس ٿيا آهن، کينسر کان ڏاهلي روڊ لاءِ بجيٽ ۾ 2 ڪروڙ رپيا رکيل هئا، جنهن مان  36  لک ليپس ٿي ويا، نبير کان نئون ڪوٽ  روڊ اسڪيم جا 10 لک ليپس ٿي ويا آهن، مٺي-نهٽو روڊ لاءِ  6 ڪروڙ  55 لک رپين  مان 2 ڪروڙ  19 لک واپس ٿيا آهن، ڏيپلو -اسلام ڪوٽ روڊ اسڪيم  جا 5 لک  ليپس ٿيا آهن، اي ڊي پي اسڪيم  4/156 گڙهو کان ننگر پارڪر روڊ لاءِ رکيل 4 ڪروڙ رپيا  ليپس ٿي ويا، ساڳئي طرح موڏور کان روهيڙو رود اسڪيم جا  45 لک واپس  ٿي ويا، علي بندر کان ننگرپارڪر روڊ اسڪيم جا  15 لک ليپس ٿيا آهن، اهڙي طرح ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ روڊ کاتي جا 2 ڪروڙ 9 لک  97 هزار  13رپيا ليپس ٿيا آهن.  ايجوڪيشن ورڪس کاتي جا 11 ڪروڙ رپيا (اسڪولن جي نئين عمارتن جي تعمير ۽  مرمت لاءِ رکيل رقم استعمال نه ٿيڻ سبب) ليپس ٿي ويا، جنهن لاءِ چيو وڃي  ٿو ته ڄاڻايل ليپس ٿيل رقم مان 377 اسڪولن جي عمارتن ۽  123 اسڪولن جي مرمت لاءِ  ٻه مهينا اڳي ٽوٽل 500 اسڪيمن جا اخبارن ۾ ٽينڊر ڇپجي چڪا آهن پر نئين سنڌ حڪومت  مقامي پ  پ اڳواڻن جي زور بار تي ٽينڊر ملتوي ڪرائي ڇڏيا، انهيءَ جاءِ تي اڌ کان وڌيڪ پنهنجن ماڻهن جي ڳوٺن جي اسڪولن جون لسٽون ڏنيون پر انهيءَ  تي عمل ٿيڻ ۾ دير ٿيڻ سبب پئسا ليپس ٿي ويا ، ان کانسواءِ تعليم کاتي  ٿرپارڪر جي هاءِ اسڪولن، مڊل اسڪولن ۽ پرائمري اسڪولن جي فرنيچر جي مد ۾ رکيل پوڻا 2 ڪروڙ رپيا فرنيچر جي خريد نه ٿيڻ سبب واپس ٿي ويا،جڏهن ته ڊي اي او بلڊنگ روڊ کاتي جا 11 لک 50 هزار رپيا خرچ نه ٿيڻ ڪري ليپس ٿي ويا آهن. انهيءَ کانسواءِ  ايجوڪيشن ورڪس  کاتي جي سرپ پروگرام جا 4 ڪروڙ  88 لک  44  هزار رپيا خرچ نه ٿيڻ سبب ليپس ٿيا آهن، ٻئي طرف مليل ڄاڻ موجب سنڌ حڪومت کان هر مهيني ضلعي حڪومت کي ترقياتي  اسڪيمن ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ هر مهيني ملندڙ بجيٽ مان ارباب دور حڪومت جي ڀيٽ ۾ گذريل مئي ۽ جون مهيني ۾ سنڌ حڪومت 6 –6 ڪروڙ يعني ٽوٽل   12 ڪروڙ   گهٽ ڪري جاري ڪيا آهن، اڳي  20 ڪروڙ  96 لک ملندا هئا،  هاڻي 15 ڪروڙ 81 لک ملن ٿا.