رپورٽ:
الطاف
لاڙڪ |
|
اسان عيد سادگي سان ملهائي شهيد راڻي کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي:قائم علي شاهه لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) شهيد جمهوريت بينظير ڀٽو جي 27 ڊسمبر تي شهادت کانپوءِ سندس غير موجودگي ۾ نئين ديري ۽ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ پهرين عيدالفطر انتهائي سادگي ۽ ڏک جي گڏيل ماحول ۾ ملهائي وئي، پيپلز پارٽي جي مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻن سان گڏ سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي ڪابينا جي ڪجهه ميمبرن سميت نئون ديرو ۾ عيد الفطر جي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي شهيد بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري، رپورٽن موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه عيد الفطر واري ڏينهن المصطفيٰ عيد گاهه نئون ديرو ۾ عيد نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ هڪ وڏي اجتماع کي خطاب ڪندي چيو ته اسان پنهنجي عيد سادگي سان ملهائي پنهنجي اڳواڻ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪري رهيا آهيون، ان جي مشن کي مڪمل ڪنداسين. اربع ڏينهن عيد نماز جي موقعي تي هن سان گڏ صوبائي وزير محمد اياز سومرو، آغا سراج دراني، ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي، محمد انور ڀٽو، خير محمد شيخ، نثار احمد ڀٽو، وڏي وزير جو پوليٽيڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو، برڪت علي شيخ ۽ ٻيا پڻ هئا. ان موقعي تي وڏي وزير المصطفيٰ عيد گاهه جي سار سنڀال ۽ مرمت واسطي 50 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اسان جمهوريت ۾ يقين رکون ٿا ۽ پارٽي جي مينيفيسٽو تحت بي زمين عورتن ۾ سوا ٻه ايڪڙ زمين ورهائي ويندي، جيڪا لينڊ گرانٽ پاليسي شهيد عوام ذوالفقار علي ڀٽو طرفان شروع ڪئي وئي هئي. هن چيو ته صوبي جي 60 هزار تعليم يافته نوجوانن کي مختلف آسامين تي ڀرتي ڪيو ويندو، جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو يوٿ پروگرام تحت گهٽ پڙهيل نوجوانن کي مختلف شعبن ۾ سکيا ڏني ويندي ته جيئن اهي روزگار حاصل ڪري سگهن، هن چيو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي ۽ ڀنگ خاطر اغوا جا ڪيس گهٽ ٿيا آهن، هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ الطاف حسين جيڪڏهن ملڪ موٽي ايندو ته هن کي هر ممڪن سيڪيورٽي مهيا ڪئي ويندي،
|