رپورٽ:عبدالرحمان
رند |
|
دارالارشاد پيرجهنڊو جي تاريخي درسگاهه جي عمارت پٽ پئجي وئي نيوسعيدآباد(ن ڪ) برصغير پاڪ ۽ هند جي دارالعلوم ديوبند کانپوءِ ٻيو نمبر وڏي ۽ تاريخي درسگاهه دارالارشاد پيرجهنڊو جي عمارت گذريل رات پيل برسات جي ڪري ڊهي پٽ ٿي وئي، اها عمارت 2 سئو سال پراڻي هئي، عمارت ڪرڻ سبب ان درسگاهه ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ۽ ڏيندڙ استاد ۽ شاگرد مسجد ۾ نماز لاءِ وڃڻ سبب معجزاڻي طور بچي ويا، عمارت گذريل ڪيترن ئي سالن کان زبون حالت ۾ هئي، فنڊ نه هئڻ ڪري منتظمين ان جي تعمير نه ڪرائي سگهيا هئا، درسگاهه جي مهتمم ۽ بزرگ سيد قاسم شاهه راشدي موجب دارالارشاد پيرجهنڊو نه صرف ديني تعليم ۽ تبليغ جو مرڪز رهيو پر مسلمانن جي آزادي ۾ ڪليدي ڪردار ڪيو هو، ريشمي رومال تحريڪ هتان شروع ٿي، درسگاهه مان مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا احمد علي لاهوري ۽ مولانا اڪرم انصاري سميت ڪيترين ئي شخصيتن هتان تعليم پرائي هئي، تعلقي ناظم پير انعام شاهه راشدي حڪومت سنڌ جي اوقاف ۽ آرڪيالاجي کاتي کان مطالبو ڪيو آهي ته تاريخي عمارت کي اصل طرز تي نئين سر تعمير ڪيو وڃي. |