دادو(ن
ڪ) |
|
دادو شگر ملز جا نوان مالڪ سڀاڻي چارج سنڀاليندا،ملز جلد چالو ڪرڻ ۽ علائقي جي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جو اعلان دادو(رپورٽ: نظام شيخ) نوان مالڪ سڀاڻي دادو شگر ملز جي چارج سنڀاليندا، جلد ملز چالو ڪرڻ جو اعلان، 41 ڪروڙ سرڪاري واڪ رکندڙ دادو شگر ملز پيارو ڳوٺ جيڪا تازو سرڪار 9 ڪروڙن ۾ نئون ديرو شگر ملز جي مالڪ سيٺ انور مجيد کي وڪرو ڪئي آهي، سيٺ انور مجيد 2 ڏينهن ۾ پيارو ڳوٺ پهچي دادو شگر ملز جو قبضو سنڀاليندو، سيٺ انور مجيد جي ترجمان نئون ديرو شگر ملز جي مئنيجر ”ڪاوش“ سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته 10 سالن کان بند پيل دادو شگر ملز کي هلائڻ لاءِ تياريون زور شور سان جاري آهن، دادو ملز جي صفائي ۽ مشينريءَ جو ضروري ڪم ڪرائڻ بعد ايندڙ سيزن ۾ شگر ملز کي چالو ڪيو ويندو، جنهن سان علائقي جي هزارين ماڻهن کي روزگار فراهم ٿيندو. واضح رهي ته 1998ع ۾ شگر ملز بند ٿيڻ سبب 1500 کان وڌيڪ پورهيت بيروزگار ٿي ويا هئا، جن کي گذريل سال ڊگهي احتجاجي تحريڪ بعد مختلف کاتن ۾ نوڪريون ڏنيون ويون آهن. هڪ آبادگار محمد ادريس ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته ملز بند ٿيڻ آفيسرن جي بدعنوانين جو نتيجو هو ۽ ان وقت جا يونين اڳواڻ پڻ آفيسرن سان گڏجي مال کائيندا هئا ان ڪري ملز خساري ۾ وئي، جنهن ڪري ملز کي تالو لڳو، جنهن سان سڌي ۽ اڻ سڌيءَ طرح 20 هزار ماڻهن جو روزگار متاثر ٿيو هو ۽ ٻيهر ملز هلڻ جي صورت ۾ علائقي ۾ رونقون موٽي اينديون، آبادگار گل شير قمبراڻي چيو ته ملز بند ٿيڻ سبب ضلعي جا آبادگار مجبوريءَ وچان ڪمند مورو، سڪرنڊ، النور لاڙڪاڻو ۽نئون ديرو کڻي ويندا هئا، جنهن سبب هو ڪرايا ڀاڙا ڀرڻ ۾ پورا هئا ۽ کين اگهه پڻ 25 سيڪڙو گهٽ ملندو هو، ياد رهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1977ع ۾ 32 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان پيارو ڳوٺ ۾ دادو شگر ملز قائم ڪئي وئي آهي، ملز 130 ايڪڙ زمين تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 300 ملازمن جا ڪوارٽر، آَفيسرن جا 50 ڪوارٽر ۽ هاسٽل سميت ريسٽ هائوس، پيٽرول پمپ، اسڪول ۽ هاءِ ڪوائلٽي جي کنڊ تيار ڪندڙ فرانس جي مشينري شامل آهي. ملز ۾ 24 ڪلاڪن اندر هڪ لک مڻ ڪمند پيڙهڻ جي گنجائش آهي. گذريل حڪومت ۾ ملز اڳوڻي ميونسپل ايڊمنسٽريٽر حڪيم بشير احمد چنا کي 41 ڪروڙن ۾ ڏني وئي هئي، پر سرڪار وقت سر ادائگي نه ڪرڻ تي سندن نيلامي رد ڪندي ٻيهر نيلامي ڪئي، جنهن ۾ صرف 9 ڪروڙ واڪ ڏيندڙ نئون ديرو شگر ملز جي مالڪ سيٺ انور مجيد کي دادو شگر ملز وڪرو ڪئي وئي،ان بابت حڪيم بشير احمد چنا ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته سياسي اڻبڻت ۽بااثر ماڻهن جي مداخلت سبب کيس نيلام ٿيل دادو ملز نه ڏني وئي، اهو افسوسناڪ عمل آهي ته صرف قسطن ۾ ادائگي ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ تي نيلامي رد ڪئي وئي، پر من پسند ماڻهن کي رڳو 9 ڪروڙن ۾ ملز ڏني وئي آهي، اتي سمورا سرڪاري ادارا خاموش ڇو آهن؟.
|