ڇور لڳ جهنگ مان ڊاٽسن ڊرائيور جو گولي لڳل لاش مليو

ڇور(ن ڪ) ڇور لڳ ڳوٺ نواب نهڙي ڀرسان جهنگ مان 35 سالن جي ڊاٽسن ڊرائيور بيرم مل ڀيل جو ڇاتي ۾ گولي لڳل لاش مليو، ڇور پوليس لاش کڻائي تعلقي اسپتال عمرڪوٽ مان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو، جڏهن ته مقتول جي ڀاءُ چيتن مل پاران ڇور ٿاڻي تي ٽن ڄڻن ڏانو مل ڀيل، منگل ڀيل ۽ چيتن اوڏ تي ڪيس داخل ڪرايو آهي، مقتول جي ڀاءُ چيتن ٻڌايو ته ڀاءُ صبح جو شڪار ڪرڻ لاءِ ويو هو، بعد ۾ اسان کي اطلاع مليو ته جهنگ ۾ ڀاءُ کي گولي لڳي آهي ۽ فوت ٿي ويو آهي،