|
قمبر ۾ ڪڻڪ اپايو سيمينار:زراعت وارو وزير ۽ سيڪريٽري نه آيا:آبادگار پريشان قمبر(ن ڪ) قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ڪڻڪ اپايو مهم جي سلسلي ۾ ڪوٺايل سيمينار ۾ مک مهمان زراعت وارو صوبائي وزير سيد علي نواز شاهه ۽ اعزازي مهمان سيڪريٽري زراعت سڀاڳو جتوئي شريڪ نه ٿي سگهيا، جنهن ڪري آبادگار ۽ هاري کين پنهنجون شڪايتون ٻڌائي نه سگهيا، بعد ۾ پ پ جي مقامي ايم اين اي مير عامر مگسي سيمينار جي صدارت ڪئي، آبادگار اڳواڻ محمد اسحاق مغيري چيو ته سرڪار سارين جو في مڻ اگهه 700 رپيا مقرر ڪيو آهي، جيڪا آبادگارن سان زيادتي آهي، جنهن سان خرچ به نٿو نڪري، اهڙي صورت ۾ ڪڻڪ جي پوکائي ڪيئن ٿي سگهندي، هن چيو ته حڪومت کي گهرجي ته آبادگارن کي جلد هڪ، هڪ لک رپيا ڏئي ته جيئن اهي آساني سان ڪڻڪ پوکي سگهن.
|