|
ڊيرا الهيار سب جيل جي قيدين پاران مختلف مسئلن خلاف مظاهرو،بک هڙتال جعفرآباد (ن ڪ) سب جيل ڊيرا الهيار ۾ قيد بيمار پيرسن قيدي فتح محمد جمالي کي اسپتال داخل نه ڪرڻ، پاڻي جي کوٽ ۽ جيل مينيوئل تحت سهولتون نه ملڻ خلاف قيدين پٺا اگهاڙا ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ مٽ ڀڃي ٻن ڪلاڪن تائين بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي قيدين دانهيندي چيو ته قيدي پيرسن فتح محمد جمالي جي حالت انتهائي خراب آهي پر کيس اسپتال منتقل نه ٿو ڪيو وڃي، جيل ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آهي، صفائي جو جوڳو بندوبست نه هئڻ سبب جيل ۾ سخت بدبوءِ پکڙيل آهي ۽ ڪيترائي قيدي دست، الٽي، گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، هنن چيو ته قيدين لاءِ ڪوبه ڊاڪٽر مقرر ناهي، بعد ۾ جيل انچارج مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو، هوڏانهن سب جيل ۾ قيد بيمار پيرسن قيدي فتح محمد جمالي بابت جيل انتظاميا جو چوڻ آهي ته هن جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي کيس ان ڪري ٻاهر نٿو ڪڍيو وڃي جو ٻاهر نڪري جهيڙا ڪندو آهي، پيرسن قيدي هلڻ ڦرڻ کان به لاچار هئڻ باوجود جيل انتظاميا کيس هٿڪڙيون ۽ پير ڪڙيون هڻي ٻڌي ڇڏيو آهي، جعفر آباد سب جيل ڊيرا الهيار ۾ قيدين جي احتجاج جي ڪوريج لاءِ پهتل ڪاوش ڪي ٽي اين نيوز رپورٽر سارنگ مستوئي، ڪوشش عيوضي ناز بلوچ ۽ ٻين صحافين کي جيل انتظاميا ڪوريج کان روڪي ڇڏيو ۽ صحافين سان اهلڪارن بدتميزي ڪري هڪ ڪمري ۾ يرغمال بڻائي ڇڏيو، صحافين جي احتجاج بعد جيل انچارج ٽن قيدين سان صحافين جي ملاقات ڪرائي ۽ کين سختي سان روڪيو ويو ته جيل انتظاميا خلاف ڪو به صحافين آڏو شڪايت نه ڪري.
|