رپورٽ: الطاف لاڙڪ

جسٽس افتخار سميت سپريم ڪورٽ جا 5 جج اڃا تائين حلف کان انڪاري

اسلام آباد: هٽايل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري سميت سپريم ڪورٽ جي 5 ججن اڃا تائين ٻيهر حلف نه کنيو آهي، اهي حڪومتي آڇ کي رد ڪندا آيا آهن، انهن ۾ جسٽس خليل الرحمان رمدي، جسٽس سردار رضا خان، جسٽس چوڌري اعجاز ۽ جسٽس راجا فياض به شامل آهن، انهن ججن کي ايمرجنسي بعد ڪيترن ئي ڏينهن تائين گهرن ۾ نظربند ڪيو ويو هو،ٻئي طرف موجوده چيف جسٽس عبدالحميد ڏوگر، جسٽس فقير محمد کوکر، جسٽس جاويد بٽر، جسٽس نواز عباسي ۽ جسٽس سيد سعيد اشهد پي سي او تحت ٻيهر حلف کنيو، جن مان جسٽس نواز عباسي رٽائرڊ ٿي چڪو آهي.