روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي |
|
آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار انصاف چاهين ٿا روزانو اخبارن ۾ مختلف علائقن مان آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جي احتجاج جون خبرون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون. هڪ طرف سنڌ جي تعليم جي تباهيءَ جي واويلا ٻڌجي ٿي، ٻئي طرف ميرٽ زنده آباد جا نعرا آهن ته ٽئين طرف آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوار انصاف لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، پر ڪو به سندن دانهن ٻڌڻ وارو نه آهي. سوال آهي ته سنڌ جي تعليم ڪيئن سڌرندي؟ ڇا وري به نااهل، غير تجربيڪار ۽ سياسي سفارش تي ماڻهو ڀرتي ڪري، اسان سنڌ جي تعليم بهتر بڻائي سگهنداسين؟ يقينن ايئن ٿي نٿو سگهي. سنڌ جي تعليم کي اهل ۽ ڪميشن پاس اميدوار ئي بهتر بڻائي سگهن ٿا. اڃا تازو ئي وزير تعليم ڪاوش فورم ۾ اهو چيو آهي ته آصف علي زرداريءَ جو چوڻ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ استاد ميرٽ تي ڀرتي ڪيا وڃن. خود وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ پير مظهر الحق آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جي ميرٽ ۽ اهليت کي تسليم ڪيو آهي ۽ کين آرڊر ڏيڻ جو واعدو به ڪري چڪا آهن، ان جي باوجود اڃا تائين آرڊر جاري ڪرڻ ۾ مسلسل ڪن لاٽار کان ڪم ورتو پيو وڃي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ايڏي وڏي اڪثريت رکندڙ سرڪار کي نيٺ به ڪهڙي رڪاوٽ درپيش آهي؟ منهنجي سنڌ جي وڏي وزير ۽ وزير تعليم کي گذارش آهي ته خدارا پنهنجو واعدو وفا ڪريو ۽ آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن کي آرڊر ڏيئي، سندن بي چيني دور ڪريو. امام بخش زرداري/نوابشاهه اها نوڪرين واري ديڳ ڪڏهن لهندي؟ هن وقت سنڌ جو ته وڏي ۾ وڏو مسئلو بيروزگاري ئي آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت اعلان ڪري چڪي آهي ته جلد 50 هزار نوڪرين واري ديڳ ميرٽ تي لهڻ واري آهي. جيڪڏهن واقعي اهڙي ڪا ديڳ لهڻ واري آهي ته ڇا اسان غريب به ڪنهن کرڙ جو آسرو ڪريون؟ ڇو ته اسان پورا 12 سال انتظار ڪندا رهيا آهيون. هن وقت ته ڪارن وارن مان اڇن وارن وارا ٿي چڪا آهيون، پر نوڪريون وڃن ٿيون پري ٿينديون. اهو به حڪومت جو ڏاڍو سٺو فيصلو آهي ته سرڪاري ملازمت لاءِ عمر ۾ 15 سالن جي رعايت ڏني وئي آهي، جنهن تي سمورا بيروزگار سرڪار جا ٿورائتا آهن. پر هن موقعي تي اها به گذارش آهي ته مهرباني ڪري، مختلف کاتن ۾ اڳ ڀرتي ڪيل ماڻهن کي نوڪرين مان برطرف نه ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن غريب کي پ پ بجاءِ ڪنهن ٻيءَ حڪومت جي دور ۾ نوڪري ملي آهي ته انهيءَ ۾ ويچاري غريب ملازم جو ڪهڙو ڏوهه آهي. هر حڪومت اچڻ شرط گذريل حڪومت جا رکيل ماڻهو ڪڍي ٿي ۽ وري ايندڙ حڪومت موجوده حڪومت جا رکيل ماڻهو ڪڍندي. ان صورت ۾ عام ماڻهو ڪيڏانهن وڃن؟ غريب ۽ اٻوجهه عوام هن وقت مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ سبب خودڪشيون ڪري رهيو آهي، ان ڪري موجوده عوامي سرڪار کي انهن جو احساس ڪرڻ گهرجي ۽ ماڻهن کي نوڪرين مان ڪڍڻ بجاءِ کانئن نئين سر ٽيسٽون وٺي، کين اهليت مطابق رکيو وڃي. شهاب الدين ملڪ/گهوٽڪي او جي ڊي سي جا برطرف آفيسر ڪڏهن بحال ٿيندا؟ 1995ع ۾ پ پ دور ۾ پوري ملڪ مان اٽڪل 500 ڄڻا او جي ڊي سي اسلام آباد ۾ مينيجمينٽ ٽرنيز آفيسر (ايم ٽيز) جي حيثيت ۾ ڀرتي ڪيا ويا هئا. 1997ع ۾ نواز شريف دور حڪومت ۾ بنا جواز جي سڀني ايم ٽيز آفيسرن کي بي دخل ۽ برطرف ڪيو ويو. وچ ۾ ڪيئي حڪومتون آيون ويون، پر ڪنهن به انهن آفيسرن سان انصاف نه ڪيو ۽ نه ئي کانئن حال ئي پڇيو. اڄ خير سان سِڪي پِني ٻيهر پ پ پ جي حقيقي عوامي حڪومت آئي آهي، تڏهن هر ڪو ايم ٽي آفيسر اها آس ۽ اميد لڳايو ويٺو آهي ته سرڪار ڪڏهن ٿي ساڻن انصاف ڪري ۽ ڪڏهن ٿا سندن گهرن ۽ زندگين تي به مسرتن جا مندائتا مينهن وسن. اسان پ پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين کي پرزور اپيل ٿا ڪريون ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جن جي واعدي کي سامهون رکندي، او جي ڊي سي جي برطرف مينيجمينٽ ٽرنيز آفيسرس (ايم ٽيز) کي بحال ڪري، سندن پريشانين کي دور ڪيو وڃي. محمد علي ٽالپر/تاجپور کٽو مل جيوڻ کي اقليتي برادريءَ جي سار لهڻ کپي ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ کي ٿر جي ڪوئلي ۽ ٻي معدنيات بابت وڏي وزير جو صلاحڪار مقرر ڪرڻ تي اقليتي برادري بيحد خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو. ڇو ته پٺتي پيل اقليتن کي اميد آهي ته ڊاڪٽر کٽو مل کين پنهنجا حق ڏيارڻ لاءِ ضرور ڪردار ادا ڪندو. پٺتي پيل اقليتن سان هر معاملي ۾ زيادتيون ٿينديون رهيون آهن، جن ۾ خاص طور روزگار ۽ نوڪرين وغيره ۾ نظراندازي اهم آهي. ان ڪري ان جي ازالي لاءِ ترت قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي. هاڻي ڊاڪٽر کٽو مل ۽ اقليتن جي ٻين نمائندن کي ٿر ڪول پراجيڪٽ سميت پوليس، تعليم، هيلٿ ۽ ٻين کاتن ۾ به اقليتن کي پنهنجي ڪوٽا ۽ حصي موجب روزگار ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ کپن. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ نئين اليڪشن لاءِ جيڪو منشور جاري ڪيو هو، تنهن ۾ چڱيءَ ريت ڄاڻايل آهي ته آرمي، رينجرز ۽ ٻين کاتن ۾ به منارٽي ڪوٽا رکي ويندي. هاڻ جڏهن خود پيپلز پارٽيءَ جي منشور ۾ اها ڳالهه آهي ته پوءِ انهن سمورن مسئلن کي آڏو رکندي، پارليامينٽ توڙي وزير اعليٰ جي سامهون به اهڙيون صلاحون رکي سگهجن ٿيون، جن سان پٺتي پيل اقليتن کي روزگار جو حق ملي سگهي. هن ڀيري ٿر جي اسپيشل بجيٽ رکي وئي آهي، جيڪڏهن ان کي ئي ايمانداريءَ ۽ احتياط سان استعمال ڪيو وڃي ته مقامي ماڻهن کي وڌ کان وڌ فائدو ڏيئي سگهجي ٿو. انهيءَ کان علاوه ٿر ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي احتساب لاءِ به قانون سازي ٿيڻ کپي ته جيئن ٿر واسين کي انهن جي موجودگيءَ جو ڪو فائدو پئجي سگهي. سرڪاري توڙي غير سرڪاري سطح تي اهڙا پراجيڪٽ ڊيزائين ڪيا وڃن، جن سان مقامي ماڻهن لاءِ ماني، ڪپڙي ۽ گهر سميت روزگار جي فراهمي به ممڪن بڻجي سگهي. ڪلتار گل/ڊگهڙي سنڌ کان وسري ويل سيد شاهنواز شاهه عرف”عارف الموليٰ“ پير شاهنواز عرف عارف الموليٰ سنڌ جي مشهور شخصيت ۽ ٻاجهارو شاعر ٿي گذريو آهي. پاڻ غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جا ڪم ڪندي خوشي محسوس ڪندو هو. ڀٽ ڌڻيءَ جي عرس مبارڪ تي ادبي ۽ ثقافتي محفلن کي وڌائڻ ۾ مخدوم طالب الموليٰ سان گڏ سندس به وڏو هٿ هو. شاعريءَ ۾ تخلص پهريان عاجز ۽ پوءِ زندگيءَ جي آخري لمحي تائين عارف الموليٰ رهيو. عارف الموليٰ جي ولادت ڳوٺ پير سبحان علي شاهه، درگاهه حسن بخش شاهه لڳ ڊٺڙو شريف ۾ 20 آڪٽوبر 1922ع ۾ ٿي. پاڻ سڄي زندگي بهترين نموني گذاريائين. شڪار جو به وڏو شوقين هو. مخدوم طالب الموليٰ سان گڏ لس ٻيلي تائين شڪار ڪيائين. سائين جو ٻيو وڏو شوق ڳائڻ وڄائڻ هو. پنهنجيءَ درگاهه تي ملهائجندڙ ڏهاڙن تي يا ميلي جي موقعي تي وڏن وڏن فنڪارن کي گهرائيندو هو، جن ۾ استاد بيبو خان، سلامت علي خان، سينڌو خان، خيرو خان، منظور علي خان اهم آهن. زندگيءَ جي آخري وقت ۾ مرحوم ڦوٽي زرداريءَ تي سندس وڏو راز هو. استاد دين محمد ميراثي به سندن پسنديده راڳي هو. ملهه ملاکڙي جو وڏو شوقين هو. ڪئين وڏا وڏا ملهه وٽس ويٺا ئي هوندا هئا. سائين عارف الموليٰ جي زندگيءَ جو وڏو شوق يا مقصد شعر ۽ شاعريءَ سان لڳاءُ هو. پاڻ ڦوهه جوانيءَ ۾ شاعري شروع ڪيائين. 1942ع ۾ انگريزن جڏهن حرن جي روحاني پيشوا سورهيه بادشاهه ۽ سندس حرن خلاف رڻ ٻاري ڏنو ته اڪثر پاڻ فقيرن کي پناهه به ڏيندو هو ۽ کاڌ خوراڪ سان گڏ هٿيار به مهيا ڪندو هو. هڪ ڀيري ته کيس حرن کي پناهه ڏيڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري، تڪليفون به ڏنيون ويون، پر پاڻ حرن جي مدد ڪندو رهيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن ايوب کهڙي ون يونٽ مڙهيو ته پاڻ هڪ مزاحمتي شاعر جي حيثيت ۾ سامهون آيو. سندس هڪ شعر ڪنهن اخبار ۾ شايع ٿيو ته اها اخبار ئي ضبط ڪئي وئي ۽ سندس پويان پوليس لڳل رهي. پاڻ حيدرآباد ۾ هڪ دوست وٽ ڊگهو عرصو روپوش رهيو. سندس وفات31 مئي 1978ع تي ٿي. البته سندس ورسي اڄ سانگهڙ شهدادپور روڊ تي ڊٺڙو شريف ۾ ملهائي پئي وڃي. نور سنڌي/هالا جڏهن تعليمي آفيسر ئي اهل نه هجن ته... بدين ضلعو تعليم جي ميدان ۾ پٺتي پيل ضلعن مان هڪ آهي، جن مان هڪ سبب سٺن ۽ تعليم دوست آفيسرن جي کوٽ پڻ آهي. اڳوڻي حڪومت دوران تعليم طرف ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ويو. موجوده حڪومت جي اچڻ ۽ پير مظهرالحق جي وزير تعليم ٿيڻ سان اها اميد پيدا ٿي هئي ته تعليم کاتي ۾ سٺا، اهل ۽ تعليم يافته آفيسر مقرر ڪري ڏينهون ڏينهن بدتريءَ طرف ويندڙ تعليم کي سنئين دڳ لڳايو ويندو، پر اها اميد به تڏهن ختم ٿي وئي، جڏهن ڊي او سيڪنڊري طور هڪ جونيئر ايڇ ايس ٽي استاد کي ويهاريو ويو. تازو هڪ 19هين گريڊ جي آفيسر کي ڊي او سيڪنڊري بدين جو آرڊر مليو، پر کيس جوائن ئي ڪرڻ نه ڏنو ويو. تعليم جي وزير پير مظهرالحق ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه کي اپيل ٿي ڪجي ته بدين ضلعي ۾ سينيئر ۽ ماهر تعليم آفيسر مقرر ڪيا وڃن، جيئن تعليم جي بهتريءَ جي ڪا اميد پيدا ٿي سگهي. ارشاد علي/بدين سخت محنت کان پوءِ مليل نوڪري به کسجي وڃي ته ڇا ڪجي! هيءُ اهو ديس آهي، جنهن ۾نوڪري ڳولڻ لاءِ به هڪ عمر کپي. جتي غريب ۽ بي پهچ نوجوانن جا خواب ته بس خواب ئي رهن ٿا. جتان جو هاري تاحيات هاري رهي ٿو ۽ ماستر سڄي عمر روزاني ضرورتن جي پورائي جي ڳڻتيءَ ۾ ورتل رهي ٿو. جتي هڪ غريب هاري يا ماستر پاڻ کي بک تي رکي به پنهنجن ٻچن کي پڙهائڻ چاهي ٿو، پر حڪومت کين روزگار ڏيڻ جي ذميواري نٿي کڻي. اهو ئي سبب آهي جو هن ديس جا نوجوان ڪڏهن مايوس ٿي پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو ئي اجهائي ٿا ڇڏين ته ڪڏهن غير قانوني طريقن سان ضرورتون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. خود نشي آور شين جي واهپي ۾ واڌاري جو وڏو سبب به بيروزگاري ۽ وسيلن جي تنگيءَ سبب پيدا ٿيل فرسٽريشن ئي آهي. اسان وٽ بار بار انٽرويوز ۽ ٽيسٽون ورتيون وڃن ٿيون، پر سرڪار نوڪري ڏيڻ لاءِ فقط پنهنجا نوازيءَ جي ميرٽ تي ئي عمل ڪري ٿي. اهڙي ئي ديس ۾ لاتعداد انٽرويوز کان پوءِ آخر 06-12-23 تي سنڌ انڊسٽيريل ٽريڊنگ اسٽيٽ لميٽيڊ حيدرآباد ۾ جونيئر ڪلارڪ جي نوڪري ملي هئي، پر ٺيڪ ٽئين مهيني ۾ هڪ ليٽر اچي پهتو، جنهن ۾ بي پناهه جدوجهد کان پوءِ مليل نوڪريءَ تان بنا ڪنهن سبب جي ٽرمينيٽ ڪيو ويو هو. 07-2-24 تي مون سميت ٻين به ڪيترن کي نوڪريءَ مان فارغ ڪيو ويو. قسمت هئي جيڪا ٺهي وري ڦٽي وئي. ڪجهه مهينن کان پوءِ پنهنجا نوازيو پاليسيءَ تحت انهن کي نئين سر بحال ڪيو ويو، پر مون پارن کي هميشه لاءِ گهر ڀيڙو ڪيو ويو. هيڏي وڏي انياءَ جي ڪڏهن به ڪنهن اخبار ۾ سرخي نه لڳي. ان ڪري هن هائيڊ پارڪ ذريعي پنهنجي آواز کي ڌر ڌڻين تائين پهچائيندي، آئون اسان جي تڪ مان چونڊيل ايم اين اي ۽ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا جو ڌيان ڇڪائيندي، عرض ڪريان ٿو ته اسان کي به نئين سر بحال ڪرائي، زندگيءَ ڏانهن واپس موٽايو وڃي. عبدالمجيد ميمڻ/کورواهه (بدين) سنڌ جي پرائمري استادن سان ٿيندڙ زيادتيون حقيقت پسنديءَ سان ڏسجي ته هن مهانگائيءَ جي دور ۾ پرائمري استادن جي پگهار تمام گهٽ آهي، جڏهن ته ڊيوٽي وڌيڪ آهي. گڏوگڏ پرائمري استاد بي اي، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ پاس به آهن، پر انهن کي انهن ڊگرين جي انڪريمينٽ کان محروم رکيو پيو وڃي. گذريل حڪومت ته نه رڳو انهن الائونسن کان محروم رکيو، پر اعلانيل ٽيچنگ الائونس به نه ڏنو. جڏهن ته پنجاب صوبي جا استاد ساڳيو ئي ٽيچنگ الائونس کڻي رهيا آهن. ان لاءِ اسين سنڌ حڪومت ۽ خاص طور صوبي جي وزير تعليم کان جائز مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي پگهار پنجاب جي استادن جي پگهار برابر ڪئي وڃي، جيئن سنڌ جي پوليس وارن جي پگهار پنجاب جي اهلڪارن برابر ڪئي وئي آهي. ان سان گڏوگڏ اعلانيل ٽيچنگ الائونس ۽ پروفيشنل ڊگرين جون انڪريمينٽون ڏئي، پرائمري استادن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي. محمد نواز چانڊيو/قمبر بجيٽ جي گذري ويل پنجين موسم ۽ ملازمن جا ڏک ڪنهن شاعر وٽ پنجين موسم جو تصور ڀلي کڻي ڪهڙو به هجي، پر استادن ۽ ”مٿين ڪمائيءَ“ کان وانجهيل ننڍن توڙي وڏن سرڪاري ملازمن لاءِ ڪاڙهي، گرم جهولن ۽ لڪن منجهه ايندڙ پنجين موسم بجيٽ جي ئي هجي ٿي. رٺل محبوب جي اچڻ جي اوسيئڙي وانگر بجيٽ جو انتظار به تڏهن کان شدت اختيار ڪري ويو، جڏهن کان کاڄرو تيل جي ٿيلهي 65 منجهان 135 ۽ اٽو 15 روپين مان 25 روپين تائين وڃي پڳو. عالمي منڊيءَ سان سلهاڙيل گاڏين ۾ پوندڙ تيل سان ته ريس ڪانهي باقي چانورن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ورهين تائين 36 روپيه ڪلو ملندڙ چانور هڪ سئو روپين کي وڃي رسيا آهن. انسان جو ضمير وڏو منصف ۽ مفتي هجي ٿو. مهانگائيءَ جي هن طوفان ۾ عزت ۽ نفس جي آبياريءَ لاءِ اهو منصف ۽ مفتي به ايمانداري سان هلت چلت ۽ روزي ڪمائڻ جي فتويٰ ٻڌائڻ کان شايد لنوائي وڃي. حالتن کان باغي ٿيل هڪ سرڪاري ملازم ڪچهريءَ ۾ ايترو به چيو ته اسان 15 ڪلاڪ سانده حڪومت جي نوڪري ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، موٽ ۾ سرڪار فقط ٻچن لاءِ عزت جي روٽي، اوڇڻ، تعليم ۽ صحت جو ته ذمو کڻي. سندس ان التجا مان ڪيتري ميار ۽ بي وسي بکي ٿي، تنهن جي ڪَل اقتدار ڌڻين کي ته شايد نه پئجي سگهي، پر ٻڌندڙن جو جيءُ ضرور جهري ٿو پوي. وقت جي حاڪمن کي فقط ايترو نماڻو عرض آهي ته جيئاپي جي شين ڪڻڪ ۽ چانورن جي ڏيساور روانگي واپار تي هڪدم طويل عرصي لاءِ مڪمل بندش هڻي، سندن غير قانوني اسمگلنگ روڪي وڃي ۽ ماڻهن کي درپيش تڪليفن جو ازالو ڪيو وڃي، جيڪو ڪم بجيٽ جي گذري ويل پنجين موسم به نه ڪري سگهي. اسد الله سولنگي/ٺارو شاهه |
|
|