روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي

دنيا کي تباهي ڏانهن ڌڪيندڙ سوچ تبديل ٿيڻ گھرجي!

 

                محمود درويش ۽ سميع القاسم جي محبوب ڌرتي، فلسطين جي وچ اوڀر واري علائقي غزه اسٽرپ ۾ نان فل اسٽاپ اسرائيلي جارحيت جاري آهي، ته ٻئي پاسي عراق ۽ افغانستان ۾ لکين انسان وحشت جو بک بڻجي رهيا آهن، هوڏانهن پاڪ-ڀارت ڪشيدگي به ڪر کنيو بيٺي آهي. ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ جيڪي به جنگون لڳيون آهن يا جيڪي هلي رهيون آهن، انهن جا هن وقت تائين انتهائي ڀيانڪ نتيجا سامهون آيا آهن، ان حوالي سان 25 سيپٽمبر 1961ع تي اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي ۾ جان ايف ڪينيڊي واهه جي ڳالهه ڪئي آهي ته ” انسان کي جنگ ختم ڪرڻ گهرجي، نه ته جنگ انسان ذات کي ختم ڪري ڇڏيندي“ سيرو سچ چيو آهي ته ”جنگ جي لمحن ۾ سڀ قانون خاموش ٿي ويندا آهن“. هن وقت پاڪ-هند ڪشيدگي سبب خطي جو امن داءُ تي لڳل آهي، جڏهن ته ماضي ۾ ٻئي ملڪ هڪ ئي ته هئا، هي روح جو رشتو اڄ جو ناهي، ان هڪ سڪي جي ٻن پاسن ۾ صدين جي سڪ سمايل آهي، پر الڳ ٿيڻ کانپوءِ هڪٻئي تي الزام مڙهي اسان دنيا ۾  ڪيئن مستحڪم معيشت ۽ سکئي جيون جو پيغام پکيڙي سگھون ٿا؟ هن وقت حالت اها آهي ته هنن ٽئين دنيا جي ڏتڙيل ملڪن ۾ کائڻ لاءِ اٽو ۽ پائڻ لاءِ لٽو ناهي، اتي فساد فتنو وقت جي وڏي ستم ظريفي آهي، دنيا جي تاريخ گواهه آهي ته ٻي عالمي جنگ دوران ڇهين آگسٽ تي ڪي اٺ لڳي پندرهن منٽن تي ايڊمرل پارسن ۽ فيرابي جي بي رحم هٿن هٿان ڪنٽرول بڪس مان نڪتل بم هر طرف هيروشيما جي نيرين فضائن ۾ آتش فشان ۽ موت جا دل ڌوڏيندڙ منظر ڀڙڪائي ڇڏيا هئا، اينو لاگ B–29 جي بم ڪيرائڻ سان هيروشيما 4.7 اسڪوائر ميل دونهين جي دز سان مٽي ۾ مدفون ٿي ويو هو، انگلينڊ جي راضپي سان اڇلايل آمريڪا جي انهيءَ ائٽم بم هڪ لک چاليهه هزار انسانن کي موت جي ابدي ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيو هو، پر جيڪي ان المناڪ موت کان بچي ويا، تن جون ايندڙ پيڙهيون ائٽمي تابڪاري جي اثرن کان نڪري نه سگهيون، جتي ڪيترائي ايندڙ نسل جسماني پنگلا پيدا ٿيندا رهيا، انهيءَ واقعي کانپوءِ هيروشيما جي سرزمين تي 76 سالن تائين گاهه جو سلو به ڦٽي نه سگهيو، اهڙي ساڳئي قسم جو ورجاءُ ٽي ڏينهن پوءِ 9 آگسٽ تي جاپان جي ٻي صنعتي شهر ناگاساڪي تي به ٿيو، جتي اوڻيتاليهه هزار کان مٿي ماڻهو موت جو شڪار ٿيا ۽ زهريلي تابڪاري جي اثرن هيٺ ڇهه لک پيٽ وارين عورتن معزور ٻار ڄڻا، تاريخ اڄ به انهن واقعن تي ماتم ڪري رهي آهي.

جنگ ٺهري هي، کوئي کهيل نهين هي اي دل

دشمنِ جان هين سبهي ساري کي ساري قاتل! ”فيض“

 انسانيت سوز انهن واقعن مان مثال وٺندي ننڍي کنڊ کي امن ڀيرو ٿيڻ کپي ۽ جذباتيت ۽ جارحيت جي بدبوءِ کي چمن جي چوديواري مان تڙي، سک ۽ سمجهه جي خوشبوءِ سان کيتر کيڙي امن جي پوک پوکجي. تنهنڪري جنگين جي مدي خارج سوچ کي ٿڏي، نئين سال کي امن ۽ اتحاد جي هوائن حوالي ڪرڻ وقت جي اهم تقاضا آهي.

رام اوڏ/عمرڪوت