روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي

آمريڪي ميزائيل حملا ۽ وس وارن جي بيوسي

                آمريڪي صدارتي اليڪشن ۾ بارڪ اوباما جي ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ اها اميد ڪئي پئي وئي ته آمريڪا جي خارجه پاليسي ۾ مثبت تبديلي ايندي، پر عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي آمريڪا پاڪستاني حدن اندر ميزائيل حملن  جو سلسلو جاري رکيو اچي، جنهن مان اهو اندازو آساني سان لڳائي سگھجي ٿو ته آمريڪا کي پنهنجن مفادن کان وڌيڪ ڪنهنجي به پرواهه ناهي، پوءِ چاهي ان کي عراق مٽي جي ڍير ۾ بدلائڻو پيو هجي يا افغانستان جي ڌرتي ٽامو ڪرڻي پئي هجي يا کڻي پنهنجي اهم اتحادي پاڪستان جون سرحدون اورانگھڻيون پيون هجن، پر آمريڪا اهو ئي ڪري ٿو، جيڪو سندس مفاد ۾ آهي. ڪجھه عرصي کان آمريڪا اتر وزيرستان ۽ باجوڙ ۾ اتي جي مقامي آبادي مٿان ميزائيل  حملا ڪري رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ بي گناهه پاڪستاني مرد توڙي عورتون ۽ معصوم ٻارڙا به ان ميزائيل حملن جو نشانو بڻجي رهيا آهن، جڏهن ته اهڙي صورتحال سبب باجوڙ ۽ اتر وزيرستان مان مقامي ماڻهو لکن جي تعداد ۾ لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، انهن حالتن ۾ عوام کي موجوده عوامي حڪومت مان وڏيون اميدون وابسته آهن، ته اها هن مشڪل صورتحال ۾ بيانن کان اڳتي وڌي، جرئت منداڻو فيصلو ڪري، آمريڪي حملن جي سخت مذمت ڪري، جيئن موجوده حڪومت ڀارتي جنگي جهازن پاران پاڪستان جون حدون اورانگھڻ جي سخت مذمت ڪئي هئي، ڇو ته سرحدن جي حفاظت ڪرڻ هر ملڪ جو حق آهي، رياست ۽ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ هر حڪومت جي ذميواري آهي، تنهنڪري حڪومت ائٽمي قوت جي طاقت رکندڙ ملڪ جي حيثيت سان ان آمريڪي جارحيت جي مذمت ڪري، ان کي روڪي.

محبوب مختيار چانڊيو/لاڙڪاڻو