ڪراچي (ڪلچرل رپورٽ)

بالي ووڊ جي بگ بي ۽ ڪنگ خان ۾نيٺ سيز فائر ٿي ويو

ممبئي (ڪلچرل رپورٽ) بالي ووڊ جي بگ بي اميتاب بچن ۽ ڪنگ خان شاهه رخ خان وچ ۾ هلندڙ سرد جنگ آخرڪار پڄاڻي تي پهچي وئي، ڪنگ خان تازو اڀيشڪ جي فلم ڊرائونا جي پريميئر شو ۾ شريڪ ٿي اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته هاڻ برف پگهرجي چڪي آهي، ان موقعي تي شاهه رخ جو اهو به چوڻ هو ته منهنجي ۽ اميتاب بچن وچ ۾ اختلاف جون ڳالهيون افواهه کان وڌيڪ ڪجهه به ناهن، هن ٻڌايو ته افواهن واريون ڳالهيون ميڊيا پاڻ اڀاريون آهن، هن چيو ته آئون  پنهنجي پوزيشن چٽي ڪرڻ لاءِ پنهنجي زال گوري خان سان گڏ پريميئر ۾ شريڪ ٿيو آهيان، ڪنگ خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ سٺي اداڪار کي پنهنجي اداڪاري سان مطلب هوندو آهي، کيس ان ڳالهه جي پرواهه ناهي هوندي ته ماڻهو انهي جي باري ۾ ڇا ٿا چون؟ هن چيو ته اڀيشڪ ڊرائونا فلم ۾ شاندار ڪردار نڀايو آهي، اميد آهي ته اها فلم سپر هٽ ثابت ٿيندي.