روزانه ڪاوش

”منهنجا پتلا ساڙيندڙن خلاف قدم کڻو“: شلپا جي ڀارتي اختيارين کي اپيل

ممبئي(ڪلچرل رپورٽ) بالي ووڊ جي لمبي لڙڪي شلپا شيٺي ڀارتي اختيارين کي کيس تحفظ فراهم ڪرڻ توڙي سندس پتلا ساڙيندڙن خلاف ڪارروائي جي اپيل ڪئي آهي، هن پنهنجي اپيل ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ته هوءَ هڪ ٽي وي چئنل جي شو”يس باس“ جي ميزباني ڪري رهي آهي، جنهن جا مهمان گهرائڻ جو استحقاق صرف چينل انتظاميا کي آهي، مون مٿان مهمان گهرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ ۽ منهنجا پتلا ساڙڻ وارو عمل دل کي رنجائيندڙ آهي، هن ڏک اوريندي چيو ته منهنجي پنهنجي ساٿي اداڪاره راکي ساونت جي به خبر ناهي ڇو منهنجي مٿان تنقيد جا تير وسائي رهي آهي.