روزانه ڪاوش

ڪشش ٽي وي جي من پسند پروگرام ”نيوز فيوز“ جي رڪارڊنگ اڄ ٿيندي

ڪراچي (ڪلچرل رپورٽ) ڪشش ميوزڪ چينل جي دلچسپ پروگرام ”نيوز فيوز“ جي رڪارڊنگ اڄ ڪشش اسٽوڊيو ۾ ٿيندي، هن پروگرام جا هوسٽ مظهر سيٺار ۽ مهرين عباسي، جڏهن ته ڊائريڪٽر قاسم علي جويو آهي، پروگرام جي حوالي سان ڊائريڪٽر قاسم جويو ڪاوش کي ٻڌايو ته هن پروگرام ۾ هالي ووڊ، بالي ووڊ ۽ لالي ووڊ سان گڏ ڪي ٽي اين ۽ ڪشش جي مشهور شوبز اسٽارن جي خبرن تي مزاحيه تبصرو ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته پروگرام ”نيوز فيوز“ کي ڏسندڙن طرفان تمام گهڻي موٽ ملي رهي آهي.