|
ڪي ٽي اين جي سيريل اڌورا انسان، انهن روين جي ڪهاڻي آهي، جنهن
۾ انساني ڪيفيت ۾ شر سان ڀريل ناسور معاشري جي ڪار وهنوار ۾
وکرجي بدي پکيڙيندا آهن، ايستائين جي انا ۽ ضد جا مظهر اهي مرد
پنهنجي اولاد جو به خيال نه ڪندا آهن، ڪي ٽي اين جي سيريل
اڌورا انسان سنڌي سوسائٽي ۾ مردن جي انهيءَ وحشي علامت جي به
ڪهاڻي آهي، جيڪي ايستائين جي پنهنجي گهر تي به وڏيرائپ هلائين
ٿا ۽ اهو ڪوڙ به ڪونهي، سنڌ جي وڏن گهرن تي نظر ڊوڙايون ته
انهن جون ڀينرون ۽ ڌيئرون ڪنواريون ويٺل هونديون، انهن جي شادي
انهيءَ ڪري ڪانه ڪبي ته ملڪيت ورهائڻ جو ڊپ هوندو آهي، ڪي ٽي
اين جي ڊرامي سنڌ جي اندر موجود ناسورن کي وائکو ڪرڻ جو جيڪو
سنگ ميل وارو ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو اتساهه ڀريو آهي ۽ انهيءَ
ڪري هاڻ ڪي ٽي اين ڏسندڙ ناظرين هر اڻ ڇهيل موضوع تي اک رکي ٿو،
سوچي ۽ پرکي ٿو، صلاح الدين تنيو جهڙو خوشبودار پرفارمر هجي ته
توهان جي جماليات جو پيمانو انهيءَ کي ڏسي ضرور لبريز ٿيندو،
ڪي ٽي اين جي مڌوبالا، ريحانه تبسم هجي، حنا گل ڄڻ فن جي ڪوئل
وانگر ڪوڪي ۽ سنڌ جي اهڙي سماجي ڍانچي ۾ هلچل مچائيندڙ اهڙو
بنا پاڻي جي مڇيءَ وانگر تڙپندڙ موضوع هجي ته سنڌ جو ماڻهو
اڌورا انسان ڏسي، ڇو نه ماڻي ۽ ڇو نه سکي، اهو ماروئڙن جو ماڻڻ
ئي اڌورا انسان جي ڪاميابي جو ڪريڊٽ آهي.
|