|
روزانه ڪاوش |
|
بينظير جو غريبن کي تعليم ۽ روزگار ڏيڻ وارو سپنو ساڀيان ڪبو:فريال ٽالپر لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر ڪالهه هتي شهيد بينظير ڀٽو يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جو افتتاح ڪيو،ان پروگرام هيٺ لاڙڪاڻو، قمبر-شهدادڪوٽ ۽ ٻين ضلعن اندر ميٽرڪ ۽ ميٽرڪ کان گهٽ پڙهيل سکيا وٺندڙ بيروزگارن کي 6 کان 12 مهينن تائين سکيا ڏني ويندي، جنهن دوران 27 شعبن ۾ سکيا وٺندڙن کي 4 کان 7 هزار رپيا ماهوار وظيفو ڏنو ويندو. فريال ٽالپر ڪالهه شام جو سرڪٽ هائوس ۾ لاڙڪاڻو، دادو ۽ خيرپور ضلعن جي 5 سئو کان وڌيڪ نوجوانن ۽ عورتن ۾ پروگرام متعلق سکيا وارا ڪتاب ۽ آفر آرڊر ورهايا، تقريب کي خطاب ڪندي فريال ٽالپر چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو ته غريبن کي تعليم ۽ روزگار ڏجي، ان خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ اندر هزارين ماڻهن کي 6 کان 12 مهينن اندر 2 مختلف شعبن ۾ سکيا ڏني ويندي،جنهن لاءِ سڄي سنڌ ۾ 23 ٽريننگ سينٽر کوليا ويندا. هن چيو ته پ پ هميشه غريب ۽ ڏتڙيل عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪوششون وٺندي رهي آهي.هن چيو ته انتهائي غريب ۽ گهٽ آمدني رکندڙ ماڻهن کي بينظير فوڊ سپورٽ پروگرام تحت ڪارڊ جاري ڪيا ويندا.
|