روزانه ڪاوش

”ڪاري آهين“:روهڙي ۾ ڌيءُ سان ملڻ آيل ماءُ وحشي پٽ هٿان قتل

سکر (بيورو رپورٽ) روهڙي ۾ ڌيءُ وٽ آيل ماءُ کي سندس پٽ ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪري ڇڏيو، رپورٽن موجب روهڙي جي ڪنڌرا ناڪي وٽ موٽرسائيڪل سوار 2 هٿياربندن فائرنگ ڪري 60 سالن جي بختاور زال موتيو ميربحر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته مقتولا اصل ۾ گهوٽڪي ڀرسان رهندڙ هئي، 5  سال کن اڳ ۾ سندس پٽ ۽ ٻين مائٽن مٿس ڪارنهن جو الزام مڙهيو هو، جنهن بعد هو جان بچائي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار سيد قاسم علي شاهه جي ڳوٺ ٿرڙي ۾ رهڻ لڳي هئي، جڏهن ته سندس ڌيءُ سکان روهڙي شهر ۾ ستين جي آستان ڀرسان رهندڙ آهي، جنهن سان عيد ملڻ لاءِ بختاور خميس ڏينهن روهڙي شهر آئي، هوءَ ڌيءُ جي گهر ڏانهن وڃي رهي هئي ته کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، سندس ڌيءُ سکان پاران روهڙي ٿاڻي تي پنهنجي ڀاءُ  مشتاق ۽ ٻن ٻين جوابدارن خلاف قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آهي.