روزانه ڪاوش

جيڪب آباد ۾ بروهي-جکراڻي تڪرار تان وڌيڪ هڪ ڄڻو قتل

جيڪب آباد(ن ڪ) جيڪب آباد لڳ جکراڻي-بروهي تڪرار تان وڌيڪ هڪ ڄڻو قتل، ڌريون مورچا بند ٿي ويون، هڪٻئي تي ڳرن هٿيارن سان فائرنگ، مولاداد ٿاڻي جي حد نئون ڳوٺ ۾ زمين جي مامري تان گذريل 5 سالن کان هلندڙ بروهي-جکراڻي تڪرار تان هڪ ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪري 55 ورهين جي ڪالو بروهي کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ٻئي ڌريون پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ مورچا بند ٿي هڪٻئي تي جديد ۽ ڳرن هٿيارن سان فائرنگ ڪري رهيون آهن، جڏهن ته راڪيٽ لانچر پڻ فائر ڪيا ويا آهن، جنهن سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي فائرنگ بند ڪرائي، مقتول جو لاش اسپتال آڻي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، آخري اطلاعن  تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، واضح رهي ته تڪرار ۾ هيل تائين ڌرين جا ٻن عورتن ۽ 3 ٻارن سميت 30 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن.