|
روزانه ڪاوش |
|
حيدرآباد ۾ بس ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر،3 نوجوان فوت حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد واڌو واهه لڳ پونم پيٽرول پمپ ويجهو تيز رفتار بس ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب موٽرسائيڪل تي سوار 3 نوجوان خليل احمد، سهيل احمد ۽ رضوان احمد شديد زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور سول اسپتال پهچايو ويو پر ٽئي نوجوان زخمن جا سور نه سهڻ سبب فوت ٿي ويا، ٽئي فوتي نوجوان لطيف آباد 12 نمبر جا رهواسي هئا، جيڪي عيد ڏينهن گهمڻ لاءِ گهران موٽرسائيڪل تي نڪتا هئا ته حادثو ٿي پيو، ٽنهي نوجوانن جا لاش جڏهن عيد ڏينهن گهر پهتا ته علائقي ۾ عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، ڀٽائي نگر پوليس بس ڊرائيور کي گرفتار ڪري بس تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي.
|
|
|