روزانه ڪاوش

ڏهرڪي لڳ هٿياربندن هٿان 2 سئوٽ هاري اغوا

ڏهرڪي (ن ڪ) ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ ساٿي ڀٽي ۾ علائقي جي آبادگار، اڳوڻي يوسي ناظم ۽ رهڙ برادري جي چڱي مڙس پيرل خان رهڙ جي زمين جو پاڻي ورائيندڙ 2 سئوٽ هارين  عرض محمد ۽ محمد سچل ڀٽي کي نامعلوم هٿياربند اغوا ڪري کڻي ويا، اهڙو اطلاع ملڻ باوجود ڏهرڪي پوليس 2 ڪلاڪ دير سان پهتي، ان ڏس ۾ رابطي ڪرڻ تي آبادگار پريل خان رهڙ ڪاوش کي ٻڌايو ته سندس هاري عرض محمد ۽ محمد سچل رات دير سان ڳوٺ ويجهو سندس زمين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ويا صبح جو ڪافي دير تائين نه وريا، هن چيو ته سندن ڳولا کانپوءِ زمين ويجهو هارين جون جتيون ۽ ٻيو سامان مليو، جنهن کانپوءِ اسان کي پڪ ٿي ته کين اغوا ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اسان اهڙو اطلاع ڏهرڪي پوليس کي ڏنو، جنهن واقعي واري هنڌ پهچي جاءِ واردات جو معائنو ڪيو، هن چيو ته اسان ڳوٺاڻا ۽ پوليس ساڻ ڪري جاسوسي ڪتن جي مدد سان هٿياربندن جو پيرو کڻي وڃي رهيا آهيون، هن چيو ته کين 5 کان 6 ماڻهن جا پيرا اسان کي ملي رهيا آهن، هن چيو ته پيرا محمد پور سائيڊ وڃي رهيا آهن، هن چيو ته سندن هاري تمام غريب آهن انهن جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي، ساڻن ناحق ٿيو آهي، اعلى اختياريون سندن هارين جي بازيابي ۾ مدد ڪن.