|
روزانه ڪاوش |
|
”جاچ هڪ طرفي آهي“دادو ۾ محتسب جو ٽيم کي بيان ڏيڻ کان انڪار دادو(ن ڪ) دادو ۾ آفيسر ۽ محتسب تڪرار معاملو، ريجنل ڊائريڪٽر جاچ کي هڪطرفي قرار ڏيندي بيان ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، دادو ۾ محتسب اعليٰ سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر خلاف رشوت جي الزامن هيٺ آيل آفيسرن جي شڪايتن تي ڊائريڪٽر جنرل عبدالرزاق قريشي پاران شروع ڪيل جاچ ۾ ريجنل ڊائريڪٽر سعيد خان مبيجو ٽيم آڏو بيان ڏيڻ کان انڪار ڪندي جاچ کي هڪ طرفي قرار ڏيندي محتسب اعليٰ سنڌ ۽ سنڌ جي گورنر کي لکت ۾ آگاهه ڪيو آهي ته سندس خلاف ٻن اي ايس آئيز شڪايت ڪئي هئي ۽ پوليس خلاف هڪ شهري شير محمد شڪايت ڪئي هئي، اصل ۾ جاچ ٽيم انهن ٽن ماڻهن ۽ مون کان بيان وٺي ها پر جاچ دوران غير ضروري طور ڊي سي او دادو مختيار احمد سومرو، ڊي پي او منظور حسين کٽياڻ ۽ اي ڊي او فنانس نور محمد لغاري سميت مڙني کاتن جي آفيسرن کي گهرائي بيان ورتا آهن، جن خلاف سندن آفيسن ۾ ڪرپشن ۽ بدعنوانين بابت جاچ هلندڙ آهي، جڏهن ته انهن خلاف شڪايتي عام شهرين کي نه گهرايو ويو ۽ پلاننگ تحت سڄي ضلعي جا آفيسر ڪرپشن ۽ بدعنوانين کان بچڻ لاءِ سندس خلاف هڪ ٿي ويا آهن، ان لاءِ سرڪار غير جانبدار جاچ ڪرائي ته انصاف جي بهتري ٿيندي، هوڏانهن ڪيترائي سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ ۽ شهري محستب آفيس پهچي ويا جن آر ڊي سان ملاقات ڪري کيس ڀرپور اخلاقي مدد جو يقين ڏياريو، ٻئي طرف محتسب اعليٰ سنڌ آر ڊي ۽ آفيسرن ۾ سرد جنگ بابت جاچ جا حڪم ڏيندي 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ طلب ڪئي آهي.ان ڏس ۾ ڪاوش پاران موقف معلوم ڪرڻ لاءِ فون توڙي موبائيل ذريعي بار بار رابطو ڪرڻ باوجود ڊي سي او دادو ، اي ڊ ي او روينيو ۽ ٻين واسطيدار عملدارن پاران موبائيل اٽينڊ نه ڪيا ويا، هوڏانهن آر ڊي ڊي آءِ جي حيدرآباد کي ليٽر لکي ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن کان جان کي خطرو ڄاڻايو آهي.
|