روزانه ڪاوش

حيدرآباد ۾ يوٽيلٽي اسٽورن تان اٽو غائب،عام واهپي جي شين جي اگهن عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي

حيدرآباد (رپورٽ: ستار ملڪ) حيدرآباد ۾ ڀلاري مهيني رمضان شريف دوران عام واهپي جي شين جي اگهن غريب ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي، گيهه، اٽي، کنڊ ۽ کير جا اگهه چوٽ چڙهيل، يوٽيلٽي اسٽورن تي رمضان پيڪيج جو اعلان ٿيڻ کانپوءِ عام واهپي جي اهم شيءِ اٽو اڻلڀ ٿي ويو، رپورٽ موجب سنڌ توڙي وفاقي سرڪار پاران رمنضان شريف دوران عام واهپي جي شين جي اگهن کي نه وڌائڻ ۽ اگهن تي ڪنٽرول واري فيصلي تي حيدرآباد ۾ ڪو به عمل نه ٿيو، واپارين من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، دڪاندارن پاران ضلعي انتظاميا پاران فراهم ڪيل ريٽ لسٽن کي ڪنڊائتو ڪري هٿرادو اگهه وصول ڪيا پيا وڃن، ”ڪاوش“ پاران ورتل جائزي موجب ضلعي انتظاميا پاران فراهم ڪيل ريٽ لسٽ ۾ گيهه ۽ ڏهي جو ڪو به ريٽ ڏنل ناهي، جنهن کانپوءِ واپاري 130 رپيا گيهه جو في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن، ريٽ لسٽ موجب کنڊ 31 بدران 34 کان 35، هڪ نمبر چانور 97 بدران 105، کير 35 بدران 40 کان 42، ڏهي 50 کان 55 في ڪلو وڪرو ڪئي پئي وڃي، ضلعي انتظاميا پاران اگهن تي ڪنٽرول لاءِ جوڙيل پرائيس ڪنٽرول ڪاميٽين ان ڏس ۾ ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي، اهم ڪاروباري مرڪزن تي ايڪڙ ٻيڪڙ ڇاپا هڻي ڏنڊ وصولي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ننڍن علائقن، ڪالونين ۾ دڪاندارن کي کلي ڇوٽ مليل آهي، جنهن سبب غريب ماڻهن کي سحري ۽ افطاري دوران خريداري لاءِ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، ٻئي طرف وفاقي سرڪار پاران يوٽيلٽي اسٽورن ذريعي رمضان پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي پر حيدرآباد جي 39 يوٽيلٽي اسٽورز مان اڪثر اسٽورن تي اٽو اڻلڀ آهي، غريب ماڻهن کي يوٽيلٽي اسٽورن تان 15 رپيا اٽو في ڪلو ڏيڻ جو واعدو ڪري اٽو ئي غائب ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ماڻهو دڪانن ۽ چڪين تان 27 کان 30 رپين تائين اٽو في ڪلو خريد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ريٽ لسٽ موجب چڪي وارن کي 24 رپيا ۽ فلور ملز کي 23 رپيا ڪلو اٽو وڪرو ڪرڻو آهي، جنهن تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو آهي، ان ڏس ۾ ”ڪاوش“ پاران رابطو ڪرڻ تي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن حيدرآباد ريجن جي ريجنل مئنيجر شمس چنا ٻڌايو ته وفاقي سرڪار يوٽيلٽي اسٽورن لاءِ جيڪي اگهه طئي ڪيا آهن، انهن موجب فراهمي جاري آهي، هن ٻڌايو ته اٽي جي فراهمي گهٽ مقدار ۾ ٿي آهي، هن ٻڌايو ته في اسٽور کي 100 کان 150 اٽي جا بيگس ڏنا وڃن ٿا، جيڪي ٿوري وقت ۾ ختم ٿيو وڃن.