|
شهدادڪوٽ
لڳ سالي هٿان نوجوان ڀيڻويو قتل
شهدادڪوٽ
(ن ڪ) شهدادڪوٽ لڳ سالي هٿان ڀيڻويو قتل، سنجر ڀٽي ٿاڻي جي حد
ڳوٺ ڀورو چانڊيو ۾ 20 سالن جو محمد يوسف پٽ امير الدين چانڊيو
سارين جو ٻيجارو پٽي رهيو هو ته ٻن جوابدارن بندوقن جا فائر ۽
ڪهاڙين جا وار ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد سنجر ڀٽي پوليس
لاش کي تعلقي اسپتال شهدادڪوٽ مان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن
حوالي ڪيو، اسپتال ۾ مقتول جي ماءُ ڪونجان ڪاوش کي ٻڌايو ته
ماني دير سان پچائڻ تي مقتول پٽ پنهنجي زال کي گذريل رات هڪ
چماٽ هنئي، جنهن تان ڪاوڙجي سندس سالي علي دوست ۽ سندس سئوٽ
محمد چانڊيو گڏجي منهنجي پٽ کي قتل ڪيو آهي، سنجر ڀٽي پوليس
مقتول جي پيءُ امير الدين چانڊيو جي فرياد تي ڄاڻايل جوابدارن
خلاف قتل ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.
|