روزانه ڪاوش

سوات ۾ گاڏي ڪلٽي ٿيڻ سبب  شهيد ٿيل فوجي جو لاش ڏوڪري آندو ويو

راڌڻ(ن ڪ) سوات ۾ فوجي گاڏي ڪلٽي ٿيڻ سبب شهيد ٿيل جوان شوڪت حسين جوڳي جو لاش اباڻي ڳوٺ يارو  لاکير ۾ مٽيءَ  ماءُ حوالي ڪيو ويو، شهيد جوان جي لاش کي ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ يارو لاکير آندو ويو، جتي شهيد جوان کي فوجي سلامي ڏئي دفنايو ويو، وارثن سان گڏ تڏي تي ويٺل  فوجي جوان پنهنجي سڃاڻپ ٻڌائڻ بنا واقعي جا تفصيل  ڏيندي چيو ته شهيد جوان هڪ فوجي گاڏيءَ تي ڊرائيور جي سائيڊ سيٽ تي ويٺل هو،گاڏي جي ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب حادثو پيش آيو ۽ شوڪت حسين جوڳي شهيد ٿي ويو.