روزانه ڪاوش

ٽنڊوالهيار پوليس ڪي ٽي اين نيوز جي اينڪرپرسن مصطفى جروار تي حلو ڪندڙ جوابدارگرفتارنه ڪيا

ٽنڊوالهيار (ن ڪ) ٽنڊي الهيار ۾ پوليس ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين آفيس، ڪي ٽي اين نيوز جي اينڪر پرسن غلام مصطفى جروار ۽ سندس والد حاجي خان جروار تي حملو ڪندڙ هڪ جوابدار گرفتار، 7 اڃا آزاد، پوليس 32 ڪلاڪ گذرڻ باوجود تحرڪ نه ورتو، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ٽنڊي الهيار ۾ پوليس ڪي ٽي اين نيوز جي اينڪر پرسن غلام مصطفى جروار تي فائرنگ سندس والد حاجي خان جروار کي فائرنگ ڪري زخمي ڪندڙ هڪ جوابدار بچو جروار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ٻن جوابدارن جي عيوضي ۾ مٺو ۽ علي محمد جروار کي پڻ گرفتار ڪيو ويو، ٻئي طرف پوليس 32 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪيس ۾ نامزد باقي 7 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جڏهن ته پوليس 8 جوابدارن ڌڻي بخش، محمد بخش، رشيد، سپاهي محبوب عرف بابو ۽ بچو، علي خان خلاف حملي ۽ پنهون ۽ شريف جروار خلاف چرچ جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو هو، هوڏانهن مصطفى جروار ٻڌايو ته برادري جي ماڻهن سان ڀاءُ مقبول جو تڪرار ٿيو، تڪرار جي نبيرو صوبائي وزير علي نواز شاهه وٽ رکيو ويو پر ڄاڻايل جوابدار نبيري کان اڳ حملو ڪيو، هوڏانهن رابطي تي ايس آءِ او يوسف ڀٽي چيو ته بدلي ۾ آندل جوابدارن جي وارثن کي جوابدار پيش ڪرڻ کانپوءِ ڇڏيو ويندو، ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ڊي پي او فاروق جمالي 4 جوابدارن جي گرفتاري جي دعوى ڪئي آهي، ٻئي اهڙي واقعي بعد ڪاوش گروپ سميت پريس ڪلب ٽنڊوالهيار عثمان شاهه هڙي چمبڙ ۽ پيارو لنڊ جي صحافين سميت سياسي ۽ سماجي اڳواڻن هن واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، ٻي پاسي اعجاز مڱڻهار، جبار ميمڻ، عرفان ميمڻ، راجا اقبال خانزاده ۽ ٻين هن واقعي خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو.