سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

مديجي ۾ ٽن هٿياربندن ڳڀرو نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

مديجي (ن ڪ) مديجي شهر جي شيخ محلا ۾ 3 هٿياربندن 20 ورهين جي ڳڀرو نوجوان اختر حسين پٽ غلام نبي بروهي  کي فائرنگ ڪري موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي  کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، هوڏانهن مقتول جا وارث لاش گهر کڻائي آيا، جنهن سبب گهر اندر روڄ راڙو پئجي ويو، جڏهن ته بروهي برادري جي وڏي تعداد ۾ هٿياربند ماڻهو گاڏين ۾سوار ٿي جوابدارن جي پويان ويل هئا، واقعي کانپوءِ علائقي اندر ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي، واضح رهي ته ڪلهوڙا ۽ بروهي برادري جي ڌرين وچ ۾ گذريل 3 سالن کان تڪرار هلندڙ آهي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا گولين جي بک بڻجي  چڪا آهن، هوڏانهن مديجي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال آندو، ڪيس داخل نه ٿيو هو.