روزانه ڪاوش

پنجاب حڪومت ڪڻڪ ۽ اٽي جي چرپر تان پابندي هٽائڻ کان انڪاري

سکر(رپورٽ: شبير بيدار ڀٽو) وفاقي سرڪار جي هدايتن باوجود پنجاب حڪومت هڪ صوبي کان ٻئي صوبي ڏانهن ڪڻڪ توڙي اٽي جي چرپر تي لڳايل پابندي هٽائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پاڪستان فلور ملز اونرز ايسوسيئيشن پاران صوبن جي وچ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي چرپر تي لڳايل پابندي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ آئيني رٽ پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي، جنهن جي ٻڌڻي 2 سيپٽمبر تي رکي وئي آهي، ان ڏس ۾ آل پاڪستان فلور ملز اونرز ايسوسيئيشن جي مرڪزي چيئرمين نعيم بٽ ڪاوش سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته زراعت ۽ واپار واري وفاقي وزير  ۽ منفال جي اعليٰ عهديدارن هلندڙ مهيني جي شروع ۾ فلور ملز ايسوسيئيشن پاران 15 آگسٽ کان احتجاج ڪرڻ واري چتاءَ بعد فلور ملز جي نمائندن سان ڳالهيون ڪيون هيون، جنهن ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو ته هلندڙ مهيني ۾ ئي فلور ملن کي ڪڻڪ جي سرڪاري ڪوٽا جاري ڪئي ويندي ۽ صوبن وچ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي چرپر تي لڳايل پابندي هٽائي ويندي پر ان واعدي تي اڄ ڏينهن تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي، هن ٻڌايو ته اسان اهڙي پابندي خلاف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ آئيني رٽ پٽيشن داخل ڪئي آهي، ڪيس جي ٻڌڻي 2 سيپٽمبر تي رکي وئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن وفاقي سرڪار پنهنجي واعدي موجب پابندي نه هٽرائي ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج وارو پنهنجو حق استعمال ڪنداسين ۽ ان جي نتيجي ۾ جيڪڏهن ملڪ اندر اٽو مهانگو ٿئي ٿو ته ان جي ذميوار حڪومت هوندي.