سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
خانپور لڳ هٿياربندن جي گاڏين تي فائرنگ، 3 زخمي، ڦُرلٽ، مقابلو خانپور (رپورٽ:الطاف لاڙڪ) خانپور لڳ هٿياربندن جي پوليس ڪانواءِ ۾ ايندڙ مسافر گاڏين تي فائرنگ، مرد ۽ عورت مسافر يرغمال، 3 زخمي، ڦرلٽ، مقابلو، 5 ڪلاڪ انڊس هاءِ وي بلاڪ، ٽرئفڪ معطل، رپورٽ موجب خانپور ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي پٺاڻ واهه وٽ پوليس ڪانواءِ ۾ ايندڙ مسافر گاڏين تي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن سان ڪوچن جا ٽائر برسٽ ۽ شيشا ٽٽي پيا، هڪ ڪوچ ڀڄي وئي ۽ 2 ڪوچز توڙي ڪجهه ٽرڪون بيهجي ويون، پوليس موبائيل ۾ سوار اهلڪارن هيٺ لهي مورچا سنڀالي ورتا، ان دوران هٿياربند 2 ٽولن ۾ ورهائجي هڪ ٽولي پوليس سان مقابلو ڪيو ۽ ٻئي ٽولي مرد توڙي عورت مسافرن ۽ ڊرائيورن کي يرغمال بڻائي کانئن لکين رپيا روڪ رقم، موبائيل سيٽ، سونا زيور، واچون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪيو، واقعي جو اطلاع اهلڪارن بروقت ايس ايڇ او خانپور کي ڏنو جيڪو پوليس پڪٽ مرزا ٻنڊو وٽ لڪي وڃي سمهي پيو، جنهن بعد ايس ايڇ او خانپور هلندي مقابلي ۾ واقعي واري هنڌ پهتو، اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ ڏوهارين ۽ پوليس ۾ مقابلو ٿيڻ بعد ڏوهاري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته واقعي دوران ڊرائيور پاران ڀڄائي ويل ڪوچ ۾ 3 مسافر زخمي ٿيا جن ۾ عبدالولي، بسم الله ڪاڪڙ ۽ آفتاب پٺاڻ شامل آهن، واقعي خلاف متاثر مسافرن فيضو اسٽاپ ڀرسان وچ روڊ تي گاڏيون بيهاري ڪنڌڪوٽ-شڪارپور انڊس هاءِ وي مسلسل 5 ڪلاڪ بلاڪ ڪري پوليس خلاف ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون، متاثر ڊرائيورن محمود زاده، دلاور علي، خورشيد عالم، نصيب الله خان پٺاڻ ۽ ٻين الزام لڳايو ته پوليس موبائيل ۾ ڊرائيور سميت صرف 3 اهلڪار هئا ۽ هٿياربندن جيئن ئي حملو ڪيو ته پوليس اهلڪار ڀڄي ويا ۽ هٿياربند جيڪي 15 جي لڳ ڀڳ هئا، 2 ڪوچن جي هڪ سئو جي لڳ ڀڳ مسافرن کان آساني سان ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا. هوڏانهن ايس پي او ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو، ٻئي طرف خانپور لڳ مسافرن کان ڦرلٽ بعد متاثرن طرفان انڊس هاءِ وي تي ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان سوين گاڏيون بيهجي وڃڻ دوران موٽرسائيڪلن تي سوار نامعلوم هٿياربندن جا ٽولا ڪيترين ئي گاڏين مان توڙي متبادل رستن سان ويندڙ گاڏين جي ڊرائيورن توڙي مسافرن کان پڻ هزارين رپيا روڪ رقم، موبائيل سيٽ، واچون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جي متاثرن خانپور پوليس کي واقعي جي دانهن ڏني، هوڏانهن مسافر ڪوچن جي مسافرن کان ڦرلٽ ۽ پوليس توڙي ڏوهارين ۾ ڇتي فائرنگ سبب عورتن توڙي ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، آخري اطلاعن تائين ڦرلٽ جي ٻنهي واقعن جو ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو ويو هو. |