|
احمدپور لڳ
پوليس پڪٽ تي حملو،2 سپاهي زخمي،سرڪاري هٿيار ڦر
خيرپور/پيرجو
ڳوٺ (نمائندن وٽان) احمد پور لڳ پوليس اهلڪارن تي حملو، هٿيار
۽ موٽرسائيڪل ڦر، 2 سپاهي زخمي، وڏا مهيسر پوليس پڪٽ تي چيڪنگ
لاءِ بيٺل اهلڪارن موٽرسائيڪل تي ايندڙ ٽن ڄڻن کي بيهڻ جو
اشارو ڪيو ته موٽرسائيڪل سوارن اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني
جنهن ۾ سپاهي محڪم الدين ناريجو ۽ محرم ڀنڀرو زخمي ٿي پيا،
جڏهن ته چوڪي تي موجود ٻين اهلڪارن مقابلي بدران ڪمند جي فصل
۾ لڪي جان بچائي، جنهن بعد هٿياربند زخمي اهلڪارن کان 2
رائيفلون ۽ موٽرسائيڪل ڦري فرار ٿي ويا، هوڏانهن چوٻول آهن ته
هٿياربندن اهلڪارن کي يرغمال بڻائي هٿيار ۽ گاڏي ڦر ڪئي، جنهن
بعد اهلڪارن پاڻ کي زخمي ڪري حملي جو ڊرامو راچايو آهي، واقعي
بابت احمد پور پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
|