|
پيٽرول جون قيمتون گهٽايون آهن، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمتن ۾ گهٽتائي نه ٿيندي:نويد قمر ٽنڊو محمد خان (ن ڪ)خزاني ۽ نجڪاري جي وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو آهي ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هر ممڪن اپاءُ وٺي رهي آهي، اهڙو اظهار هن ٽنڊي محمد خان ۾ کلي ڪچهري ۽ مختلف آجياڻن کي خطاب ۽ اکين جي ماهر ڊاڪٽر نثار احمد ميمڻ جي والد محمد خان ميمڻ جي وفات تي عذر خواهي ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي، هن چيو ته حڪومت جي دهشتگردي خلاف پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه آندي ويندي، پشاور ۾ ڪيل بم ڌماڪي ذريعي اسفند يار ولي تي خودڪش حملي ذريعي جمهوري حڪومت خلاف سازش ڪئي وئي، آمريڪا سميت ڪنهن به پرڏيهي ڌر جي مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي، آمريڪا ۽ اتحادين کي ملڪ جي سرحدن ۾ بمباري ڪرڻ جو ڪو به حق نه ڏنو ويندو، فوج ۽ حڪومت پاليسي ۾ ڪو به فرق محسوس نٿو ڪري سگهجهي، فوج ۽ سرڪار جي دهشتگردي خلاف گڏيل پاليسي قومي مفادن ۾ آهي، جنهن لاءِ آمريڪي سرڪار، پاڪستاني حڪومت کي يقين ڪرايو آهي، هن چيو ته جمهوري حڪومت مضبوط آهي، ملڪ مان مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ اپاءُ ورتا وڃن پيا، پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي پر هن وقت عالمي مارڪيٽ جي پاليسي تحت ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمتن ۾ گهٽتائي نه ڪئي ويندي.، هن پ پ سنڌ جي ماليات سيڪريٽري حاجي عبدالخالق سومرو، پ پ ليڊيز ونگ ضلعي جي صدر فهميده خاصخيلي ۽ پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر بابو الهه رکيو سٺيو جي ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پ پ جو ضلعي صدر اڳوڻو ايم پي حاجي محمد امين لاکو ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا، هوڏانهن پريس ڪلب ۽ گڏجاڻين ۾ خطاب ڪندي سيد نويد قمر چيو ته جمهوري حڪومت خلاف ڪا به سازش ڪامياب نه ٿي سگهندي، هن چيو ته ملڪ ۾ پيدا ٿيل معاشي بحران اڳوڻي حڪومت جو ڏنل عوام کي تحفو آهي، پر موجوده حڪومت معاشي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي، هن ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب جي مسئلن کي حل ڪرائڻ سميت صحافين کي رهائشي ڪالوني ڏيڻ لاءِ پڻ تعاون ڪرڻ جو يقين ڪرايو، جڏهن ته تعلقي بلڙي شاهه جي 45 ڳوٺن کي 53 ڪروڙ رپين جي اسڪيم تحت سوئي گئس جي فراهمي جو اعلان ڪيو.
|