پير پاڳاري جي تصويرن جي بي حرمتي:ٽنڊو مٺا خان ۽ چوٽياريون ۾ هڙتال

سانگهڙ (ن ڪ) حرن جي روحاني پيشوا پير صاحب پاڳاري جي تصويرن جي بي حرمتي تان حر جماعت سراپا احتجاج، ٽنڊو مٺا خان ۽ چوٽياريون ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، رپورٽن موجب پير صاحب پاڳاري جي ٽنڊو مٺا خان ڀرسان روڊ تي لڳل تصويرن کي نامعلوم شرپسندن ڦاڙي ڇڏيو، جنهن تي حر جماعت سان لاڳاپيل مريدن ڀرپور احتجاج ڪندي کپرو-سانگهڙ روڊ 6 ڪلاڪ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽرئفڪ بند ٿي وئي، ٽنڊو مٺا خان ۽ چوٽياريون ۾ ڪاروبار بند رهيو، ان موقعي تي فنڪشنل ليگ جي ايم اين اي غلام دستگير راڄڙ مظاهرين کي يقين ڏياريو ته ڪريل حرڪت ڪندڙن کي هر حالت ۾ سزا ڏياربي، جنهن بعد مظاهرين احتجاج ختم ڪيو، بعد ۾ جاسوسي ڪتا گهرائي پير پاڳاري جون تصويرون ڦاڙيندڙن جا پيرا کنيا ويا، پيرا روڊ تي چڙهڻ بعد غائب ٿي ويا.