حيدرآباد:70 ڪروڙ فراڊ  ڪيس ۾ روسي شهري سوڌو 2 ڄڻن جون ضمانتون منظور

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سول ڪورٽ نمبر 7 حالي روڊ ٿاڻي تي داخل روسي شهر ماسڪو ۾ فتح ملز جي ملڪيت فراڊ ذريعي وڪرو ڪري 70 ڪروڙ رپين جو فراڊ ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار تنوير اشرف ڀٽا ۽ روسي شهري ايوجيننگ ذاڪاروف جي هڪ-هڪ لک رپين جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.