|
فيشن ڊزائينر عامر شيخ نوجوان سان بدفعلي معاملي تان قتل ٿيو،2 ڀائر گرفتار ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪلفٽن ۾ فيشن ڊزائينر عامر شيخ جي قتل جو معمو حل ٿي ويو، جاچ پوليس موجب هن ماڊل ٺاهڻ جو آسرو ڏئي 23 سالن جي هڪ نوجوان امير حمزه کي گهر سڏايو ۽ ساڻس بدفعلي جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي امير حمزه اتان ڀڄي گهر ويو ۽ ڀاءُ سعد اعواڻ سان گڏجي موٽي اچي ٻنهي ڀائرن گڏجي تشدد ڪري ۽ گوليون هڻي فيشن ڊزائينر عامر شيخ کي قتل ڪري ڇڏيو. ٻئي ملزم ڀائر گرفتار. ايس ايس پي جاچ ڪلفٽن شاهد حيات ڪاوش کي ٻڌايو ته گذريل ويڪ اينڊ تي رات جو عامر شيخ فيشن ڊزائينر شايان ملڪ جي گهر دوست ٽي وي آرٽسٽن بيگم نواز علي ۽ ٻين سان گڏ ”ڪمپني“ ۾ ويٺو رات جو دير سان گهر موٽيو جنهن بعد هن 23 سالن جي نوجوان امير حمزه کي پنهنجي گهر گهرايو شيخ عامر جي گهر جي مٿان وارا فليٽ خالي پيل آهن. امير حمزه کي هو خالي پيل حصي ۾ وٺي ويو ۽ ساڻس بدفعلي جي ڪوشش ڪئي، امير حمزه ان مهل ڀڄي ويو ۽ گهر وڃي ڀاءُ سعد اعواڻ کي ٻڌايو، جنهن بعد ٻئي ڀائر پستول کڻي گڏجي آيا ۽ شيخ عامر کي ٽي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس شيخ عامر جي دوستن بيگم نوازش، شايان ملڪ، جيا علي ۽ ٻين کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ خود امير حمزه جنهن کي شيخ عامر ماڊل ٺاهڻ جا آسرا ڏيندو هو، تنهن کان به پڇيو ويو پر قتل جو معمو حل نه ٿيو، بعد ۾ پوليس شيخ عامر جي موبائيل فون جو رڪارڊ ڪڍرايو. موبائيل فون جي رڪارڊ مان ڪيس حل ٿيو. پوليس کي خبر پئي ته پارٽي مان اٿي اچڻ کانپوءِ شيخ عامر وڌ ۾ وڌ فون امير حمزه کي ڪيا ۽ آخري رابطو به سندن وچ ۾ ٿيو، جنهن بعد شيخ عامر مارجي ويو. جاچ پوليس ڪالهه ٻنهي ملزم ڀائرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
|