سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
امداد علي اعواڻ کي اڄ شڪارپور ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو سکر (بيورو رپورٽ) هٽايل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي ڪراچي ۾ آمد وقت سندس گاڏي جي ڊرائيونگ ڪندي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويل سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سکر جي صدر امداد علي اعواڻ جو لاش ڪالهه صبح 5 وڳي سکر پهچايو ويو، جنهن بعد کيس سندس ڀيڻ جي آخري ديدار لاءِ ملٽري روڊ واري رهائشگاهه تي رکيو ويو آهي، سندس ڀيڻ جيڪا آمريڪا ۾ رهندي آهي، جيڪا گذريل رات آمريڪا مان سندس آخري ديدار لاءِ رواني ٿي ۽ رات سکر پهچڻي هئي، ان ڪري سندس جنازي نماز ۽ دفنائڻ واريون رسمون اربع ڏينهن ادا نه ڪيون ويون، اڄ خميس ڏينهن صبح جو 10 وڳي سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر جي عمارت جي لان ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه کي سندس اباڻي شهر شڪارپور نيو ويندو، جتي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو، امداد علي اعواڻ جي گهر ٻاهران وڇايل تڏي تي ڪالهه رات ۽ ڪالهه سڄو ڏينهن سوين ماڻهو موجود رهيا، جن مان ڪيترائي وڪيل ۽ ٻيا ماڻهو روئندي پڻ ڏٺا ويا، جڏهن ته ايندڙ ماڻهن جو مجموعي تعداد هزارن ۾ هو، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سکر جي اڳوڻي صدر قربان ملاڻي چيو ته امداد اعواڻ جي وڏي پٽ شهريار پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجي پيءُ جيان عدليا جي آزادي ۽ جسٽس افتخار محمد چوڌري جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪندو، هوڏانهن صنعت ۽ واپار واري ايوان جي هنگامي اجلاس ۾ هڪ تعزيتي ٺهراءُ منظور ڪري امداد اعواڻ جي موت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ويو، پيپلز لائيرز فورم جو اجلاس مڪيش ڪارڙا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايوب ڀٽو، علي بخش ميتلو، امان الله ملڪ، جاويد قريشي ۽ ٻين تقريرون ڪندي امداد اعواڻ جي خدمتن کي ساراهيو ۽ ان جي موت تي ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي، پيپلز پارٽي (ش ڀ)، سپاف ۽ يوٿ جي ٿيل اجلاسن ۾ پڻ امداد اعواڻ جي موت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ويو، ٻئي طرف ڪالهه سکر جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ توڙي هاءِ ڪورٽ ۾ امداد اعواڻ جي موت تي سوڳ ملهايو ويو، وڪيلن پاران ڪنهن به عدالتي ڪارروائي ۾ حصو نه ورتو ويو. |