سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
واهي پانڌي ۽ ڦلجي ۾ سخت گرمي وگهي ناري سميت 4 ڄڻا فوت واهي پانڌي/ڦلجي اسٽيشن(نمائندن وٽان) واهي پانڌي ۽ ڦلجي ۾ سخت گرمي وگهي ناري سميت 4 ڄڻا فوت، واهي پانڌي ۽ ڀرپاسي ۾ شديد گرمي وگهي 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪاڇي جي ڳوٺ شادڻ ۾ گرميءَ جي سٽ نه سهي 40 سالن جو بهارو ٻٻر فوت ٿي ويو ۽ ڳوٺ مريد ٻٻر جي رهواسي علم الدين ٻٻر جو جهنگ مان لاش مليو آهي، جنهن بابت وارثن جو چوڻ آهي ته هو گرميءَ وگهي فوت ٿيو آهي، هوڏانهن ڪاڇي جي 50 ڳوٺن جي بجلي 5 ڏينهن کان بند هجڻ خلاف شهري اتحاد جي سڏ تي واهي پانڌي ۾ شهرين پاران حيسڪو خلاف مظاهرو ڪري ٽائر ساڙي سخت نعريبازي ڪئي وئي. هوڏانهن ڦلجي اسٽيشن ۾ سخت گرمي وگهي ناري سوڌو 2 ڄڻا فوت، جامع مسجد ڦلجي جي خطيب حافظ محمد ادريس ملاح جي نوجوان نياڻي 20 سالن جي پروين ملاح گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ڇولا کپائيندڙ پورهيت ماهي سولنگي گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، ٻئي طرف سخت گرميءَ باوجود ڪالهه 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ بجلي جو بريڪ ڊائون رهيو، جنهن ڪري زند گيءَ جو ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو.
|