|
اوڍا-الرا
تڪرار جي ٽن مقتولن جو 80 ڄڻن تي ڪيس داخل، خوف سبب علائقو
ويران، ڇڪتاڻ برقرار
پير جو
ڳوٺ/پريالوءِ (نمائندن وٽان) ڪنگري ۾ اوڍا-الرا تڪرار تيز، قتل
ٿيل 3 ڄڻن جي پوليس پهري هيٺ تدفين، ڌرين جي 80 ڄڻن تي ڪيس
داخل ڪرايا ويا، عام زندگي مفلوج بڻجي وئي، رپورٽ موجب ڪنگري
جي ڪچي جي فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد الرا جاگير ۾ اوڍا ۽ الرا
برادرين جي ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار تان عيد جي ٻئي ڏينهن ڌرين جي
هٿياربندن هٿان قتل ٿيل عبدالقيوم اوڍو، معصوم ٻارڙي غلام شبير
اوڍو ۽ وزير الرو کي علائقي جي قبرستان ۾ پوليس جي سخت پهري
هيٺ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته خوني ويڙهاند سبب
علائقي ۾ سخت خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي ۽ ڌريون مورچابند ٿيل آهن،
جنهن سبب عام زندگي مفلوج ٿي وئي آهي، ٻئي طرف فيض محمد ٻنڊو
ٿاڻي تي اوڍا برادي جي حاجي اوڍو ۽ فاروق اوڍو جي فرياد تي
الرا برادري جي خادم حسين، اياز، مريد، عمر، جبار، شاهنواز،
امداد، حيدر، مريد، ضمير ۽ خميسو سميت 61 ڄڻن تي ڪيس داخل
ڪرايو آهي، جڏهن ته الرا برادري جي گلبهار الرو پاران اوڍا
برادري جي 19 ڄڻن ضمير، منير، حبيب الله، سڪندر، گنج بخش، صديق،
محمد بخش، عبدالحق، امان الله ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي،
هوڏانهن ڇڪتاڻ سبب پوليس علائقي ۾ بڪتربند گاڏي (اي پي سي)
بيهاري پڪٽون قائم ڪري ڇڏيون آهن. |