|
آءِ بي اي
ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جا نوڪريون نه ڏيڻ خلاف مظاهرا
حيدرآباد
(نمائندن وٽان) 60 سيڪڙو ۽ ان کان وڌيڪ مارڪون کڻي آءِ بي اي
ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن ڪالهه به مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا
ڪري ڌرڻا هنيا، حيدرآباد ۾ 60 سيڪڙو ۽ ان کان وڌيڪ مارڪون کڻي
آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ حيدرآباد سٽي ۽ لطيف آباد جي عورت
اميدوارن پوسٽنگ آرڊر نه ملڻ خلاف ڪالهه ميران محمد شاهه روڊ
تي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي نازيه، فرحانه ۽ ٻين چيو ته حڪومت
جي طئي ڪيل فارمولا موجب اسان آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪري 60 سيڪڙو
کان وڌيڪ مارڪون کنيون پر اي ڊي او تعليم هاڻ قاسم آباد ۽
حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي جي پاس اميدوارن کي ته پوسٽنگ آرڊر جاري
ڪري رهيو آهي پر اسان کي رڳو آسرا ڏنا پيا وڃن، 60 سيڪڙو ۽ ان
کان وڌيڪ مارڪون کڻڻ باوجود آرڊر نه ملڻ سبب دادو ضلعي جي
اميدوارن به مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو، پلي ڪارڊ ۽ بئنر هٿن ۾
کڻي شهر جي مک چوراهن تي مارچ ڪرڻ بعد نيشنل پريس ڪلب آڏو نواز
علي ۽ ساجد علي مستوئي جي اڳواڻي ۾ 30 ڄڻا علامتي بک هڙتال تي
ويٺا، هنن چيو ته اسان رات ڏينهن محنت بعد ٽيسٽ پاس ڪري 60
سيڪڙو کان وڌيڪ مارڪون کنيون آهن، 21 جولاءِ تي سرڪار آرڊر ڏيڻ
جو اعلان ڪيو پر تعليم کاتي دادو جا آفيسر کين رلائي رهيا آهن،
هنن تعليم جي صوبائي وزير پير مظهر کي اپيل ڪئي آهي ته
اميدوارن سان ٿيندڙ ويڌن جو نوٽيس وٺي کين آرڊر ڏئي بيچيني دور
ڪئي وڃي، نوشهري فيروز ۾ به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي
اڳواڻي ڪندڙ عبدالحڪيم ميمڻ، عاشق چنا ۽ ٻين چيو ته آفر ليٽر
ملڻ باوجود کين پوسٽنگ آرڊر نه ٿا ڏنا وڃن، هن چيو ته سرڪار من
پسند ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ 60 سيڪڙو مارڪن جو شرط رکيو
آهي، جيڪو کين قبول ناهي، ٽنڊي الهيار ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 40
سيڪڙو مارڪون کڻندڙ ٻهراڙي جي استاد اميدوارن مظاهرو ڪيو، ان
موقعي تي صابر بوزدار، اشفاق ميمڻ، ممتاز لاشاري ۽ ٻين خطاب
ڪندي چيو ته ٻهراڙي ۾ تعليم جي حوالي سان 40 سيڪڙو مارڪون رکيل
هيون پر آءِ بي اي وارن اسان جي حق تي ڌاڙو هڻي 60 سيڪڙو
مارڪون کڻندڙ استادن کي آفر ليٽر ڏنا آهن، شهدادڪوٽ ۾ آءِ بي
اي پاس اميدوارن ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ٽنڊوغلام علي ۾
آءِ بي اي ٽيسٽ پاس نوجوانن برسات دوران پريس ڪلب اڳيان
احتجاجي مظاهرو ڪيو، مديجي ۾ نويد ابڙي، راشد گهمري، نور حسين
شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ سکر-لاڙڪاڻو
روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.
|