|
روزانه ڪاوش |
|
ماٿيلو ۾ لنڊ ۽ بوزدار برادرين ۾ تڪرار،فائرنگ:هڪٻئي جون 3 بسون ڦر ميرپورماٿيلو (ن ڪ) جروار ۽ يارو لنڊ واري علائقي ۾ چوري جي معاملي تان لنڊ ۽ بوزدار برادرين وچ ۾ ڪالهه ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن ته بوزدار برادري جي 10 کان وڌيڪ هٿياربندن جروار-خانپور مهر لنڪ روڊ تان لنڊ برادري جي سردار فياض علي خان لنڊ جي مسافر بس ڦري ورتي، جنهن بعد اطلاع تي لنڊ برادري جي هٿياربندن يارو لنڊ-جروار لنڪ روڊ تان محمود بوزدار جي بس ڦري ورتي، جنهن دوران ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ اچانڪ جروار شهر ۾ فائرنگ شروع ٿي وئي ۽ شهرين ۾ ڀاڄ پئجي، ان دوران جروار شهر بند ٿي ويو ۽ ڌرين جا ماڻهو شهر ڇڏي ڳوٺن ڏانهن روانا ٿي ويا، ميرپورماٿيلو کان جروار ڏانهن ويندڙ سردار فياض علي خان لنڊ جي ٻي بس کي بوزدارن ڳڙهي وٽ روڪي ورتو ۽ بعد ۾ ڌرين جا ماڻهو هڪٻئي جون گاڏيون ۽ هڪٻئي جي ماڻهن کي ڳوليندا رهيا، جڏهن ته هلندڙ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ پوليس ڪوبه ڪردار ادا نه ڪيو، جڏهن ته جروار ۽ يارو لنڊ پوليس ڌرين جي سردارن وٽ پهچي ميڙ منٿ ڪندي هلندڙ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ راڄوڻي رستي معاملي کي حل ڪرڻ ۾ جنبي وئي، هوڏانهن سردار فياص علي لنڊ ۽ بوزدار برادري جي چڱي مڙس هزار بوزدار پاڻ ۾ رابطو ڪري معاملي جو راڄوڻي طريقي سان نبيري بابت ڳالهايو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڇڪتاڻ جاري هئي، ڌرين جي ڄاڻايل سردارن سان رابطي جي ڪوشش باوجود رابطو ٿي نه سگهيو پئي، ٻي طرف ڄاڻ ملي آهي ته 2 ڏينهن اڳ پير بري واري علائقي مان بوزدار برادري جي هڪ ڳوٺاڻي اڪبر بوزدار جي گهران 4 ڍڳيون چوري ٿي ويون هيون ۽ چورن جا پيرا ڳوٺ ڳهڻو لنڊ ۾ هڪ شخص حبيب لنڊ جي گهر طرف ويا، جتي بوزدارن جي واهر ۽ لنڊ برادري وچ ۾ سخت منهن ماري ٿي هئي، جنهن کانپوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي آهي، هوڏانهن ڊي پي او گهوٽڪي جاويد عالم اوڍو چيو ته پوليس پاران دٻاءُ وجهڻ بعد ڌرين بسون واپس ڪري ڇڏيون آهن. |