|
روزانه ڪاوش |
|
لاکڙا پاور هائوس ۾ زوردار ڌماڪو،ٽيون يونٽ به بند،بجلي جو پيداواري عمل 3 ڏينهن تائين معطل رهندو ڄامشورو(رپورٽ: نديم پنهور ) لاکڙا پاور هائوس ۾يونٽ جي فني خرابي سبب زور دار ڌماڪو، بجلي جو پيداواري عمل معطل، سپلاءِ بند ٿيڻ سبب بجلي جي بحران جو خدشو، انتطاميا 3 ڏينهن تائين ڪاروهنوار ٺپ هجڻ جو خدشو ڏيکاري ڇڏيو، رپورٽ موجب ملڪ جي واحد ڪوئلي ذريعي سستي اگهه تي بجلي پيدا ڪندڙ بجلي گهر لاکڙا پاور هائوس جي چائنا ڪمپني وارو يونٽ نمبر هڪ فني خرابي ٿيڻ ڪري زوردار ڌماڪي بعد بند ٿي ويو، لاکڙا پاور هائوس ۾ لڳل چائنا ڪمپني جي 3يونٽن تي مشتمل پلانٽ مان مجموعي طور 150 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، ورتل ڄاڻ موجب پاور هائوس جا 2 يونٽ فني خرابي سبب ڪافي عرصي کان بند هجڻ سبب صرف يونٽ نمبر 1 مان 32 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وئي پر رات دير سان اوچتو هلندڙ يونٽ ۾ فني خرابي ٿيڻ سبب ڌماڪو ٿيو، جنهن بعد ڄاڻايل يونٽ به بند ٿيڻ ڪري پاور هائوس جو بجلي پيداوار وارو عمل معطل ٿي ويو آهي، جڏهن ته پاور هائوس جي بند يونٽ نمبر هڪ کي مرمت ڪري ٻيهر چالو ڪرڻ لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ 3 ڏينهن تائين بجلي جو پيداواري عمل ٺپ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن سبب پاور هائوس مان گرڊ اسٽيشنن کي ملندڙ بجلي جي سپلاءِ بند ٿيڻ ڪري لاڳاپيل علائقن ۾ بجلي جي بحران جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، ورتل ڄاڻ موجب پاور هائوس جي بند پيل ٻن يونٽن جي اهم مشينري مڪمل طور تي ناڪارا هجڻ سبب بند پيل آهن پر لاڳاپيل انتظاميا ڄاڻايل يونٽن جي مرمتي ڪم بابت ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي آهي، رابطو ڪرڻ تي پاور هائوس جي ريزيڊنٽ انجنيئر انور علي بروهي ڪاوش سان ڳالهائيندي 3 ڏينهن تائين بجلي جو پيداواري عمل ٺپ رهڻ جي تصديق ڪئي آهي، هن ٻڌايو ته لاکڙا ۾ لڳل چائنا ڪمپني جي 3 يونٽن مان 2 يونٽ بند آهن، يونٽ نمبر هڪ هلندڙ هو. جنهن ۾ فني خرابي ٿيڻ ڪري بجلي پيداواري عمل معطل ٿي ويو آهي، لڳ ڀڳ 3 ڏينهن تائين يونٽ جو مرمتي ڪم جاري رهندو، جنهن کانپوءِ يونٽ ساڳي پوزيشن ۾ اچي ويندو، هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاور هائوس جي ڪافي عرصي کان بند ٻن يونٽن جي مشينري پرڏيهه مان ايندي ۽ ڪافي خرچ ايندو، سرڪار پاران پاور هائوس کي خانگائڻ واري فيصلي کانپوءِ معاملو عدالت ۾ وڃڻ سبب انهن يونٽن تي خرچ نه ٿا ڪري سگهون، عدالت پاران هڪ طرفو فيصلو ڪري جنهن بعد يونٽن جي مرمت بابت فيصلو ڪيو ويندو .
|