روزانه ڪاوش

ميرپورخاص ۾ چور سوگهو،مڇريل ماڻهن پاران کيس ساڙڻ جي ڪوشش

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپور خاص جي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ پوليس اهلڪار محمد عثمان جي گهر ٻاهران لڳل پاڻي جي موٽر چوري ڪندي هڪ چور عمران ولد رمضان جٽ کي ڊوڙائي سوگهو ڪري ورتو، مڇريل ماڻهن چور کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪجهه بزرگن وچ ۾ پئي کيس بچائي ورتو، چور کي بعد ۾ سيٽلائيٽ ٽائون پوليس حوالي ڪيو ويو، گرفتار نوجوان موجب هو گلشن ڪالوني جو رهواسي آهي، بيروزگاري سبب ويلا ڪاٽڻ تي مجبور آهيون ۽ منهنجو هڪ سال جو پٽ بيمار هو، جنهن ڪري چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پڪڙجي پيس.