|
خيرپور ناٿن شاهه مان اغوا ٿيل
2 بئنڪ مئنيجر بازياب نه ٿيا،پوليس جو سرچ آپريشن،عورت سميت 25
گرفتار
ميهڙ/راڌڻ (نمائندن
وٽان) خيرپور ناٿن شاهه مان 11 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل بئنڪ مئنيجر
بازياب نه ٿيا، پوليس جو ڏوهارين خلاف سرچ آپريشن، گهر گهر
تلاشي بعد عورت سميت 25 گرفتار، ڏوهارين کي پناهه ڏيڻ جي
الزام ۾ گرفتار دادو اتحادي جو تعلقي نائب ناظم ۽ يوسي ناظم
5 ڏينهن کان گم، ميهڙ ۾ ٽي ايم اي ملازمن جي هڙتال، ڪي اين
شاهه مان اغوا ٿيل 2 بئنڪ مئنيجر فضل ربي شيخ ۽ عابد ابڙو کي
پوليس 11 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب ڪرائي نه جڏهن ته مغوين جي
بازيابي ۽ ڌاڙيلن خلاف سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، آپريشن
شروع ڪرڻ کان اڳ ڊي پي او دادو منظور کٽياڻ جي صدارت ۾ دادو
ضلعي توڙي مٽياري ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن جي پوليس آفيسرن جي
گڏجاڻي ۾ آپريشن کي حتمي شڪل ڏني وئي، جڏهن ته ڏوهارين خلاف
آپريشن شروع ڪرڻ کان 4 ڪلاڪ اڳ ايس پي جاچ دادو سڪندر علي
منگي اوچتو ميڊيڪل ليو تي هليو ويو، ٿرڙي محبت، ميهڙ، ڪي اين
شاهه، فريدآباد، راڌڻ، نئون ڳوٺ ۽ ڀنڊ ماڙي جي پوليس اٽالن
ٿرڙي محبت لڳ پنهون خان چانڊيو تي ڇاپو هڻي ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي
ورتو ۽ چانڊيا برادري جي رهواسين جي گهرن جي تلاشي ورتي، پوليس
مير جت برادري جي 4 ڄڻن جي قتل ڪيس جي مک جوابدارن طارق
چانڊيو ۽ گلزار چانڊيو جي ماءُ مسمات جوائي چانڊيو، شاهنواز،
قربان، علي گوهر ۽ پرويز چانڊيو سميت 25 ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري
موبائيلن ۽ بڪتر گاڏين ۾ وجهي کڻي وئي، جڏهن ته پوليس يوسي
بوٿرو جي نائب ناظم سرائي رمضان چانڊيو جي چوپائي مال سميت 30
ڍور ڍڪ حوالي ڪيا آهن، پوليس جي ڪڙي چاڙهڻ تي عورتن ۽ معصوم
ٻارڙن پاڪ ڪتاب گهرن مان کڻي اچي پوليس اڳيان منٿون ڪيون،
پوليس هراست ۾ ورتل 50 سالن جي مسمات جوائي کي گرفتار ڪري کڻي
وئي، پوليس جي پهچڻ تي ڳوٺ ۾ سخت خوف ۽ هراس ڇائنجي ويو،
ڳوٺاڻا پنهنجا در بند ڪري گهرن ۾ بند ٿي ويا، پوليس ذريعن
موجب ته بدنام ڏوهاري، ميرجت قتل ڪيس جي مک جوابدار طارق
چانڊيو ۽ سندس ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو ويو، ذريعن
موجب ته پوليس دٻاءُ وجهڻ لاءِ طارق چانڊيو جي ماءُ کي
گرفتار ڪيو آهي، ٻئي طرف طارق چانڊيو جي ڀاڄائي ۽ جيل ۾ بند
ٿيل گلزار چانڊيو جي زال روزينه چانڊيو چيو ته طارق چانڊيو
ڳوٺ ڇڏي ويو آهي، پوليس بيگناهه منهنجي سس کي گرفتارڪري
کڻي وئي آهي، هوڏانهن عورتن مسمات سوني، مسمات حسينه ۽ مسمات
بي بي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي سخت احتجاج ڪيو ۽ دعويٰ
ڪئي ته اسان جو طارق چانڊيو وارن سان ڪو به واسطو نه آهي، هنن
الزام هڻندي چيو ته پوليس گهرن ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪئي، مردن کي
گرفتار ڪري کڻي وئي ۽ ڦرلٽ ڪرڻ بعد چوپايو مال ڪاهي وئي آهي،
هوڏانهن ڊي پي او دادو منظور کٽياڻ 4 ڌاڙيلن انور لنڊ، عابد
شاهه، انور کوسو ۽ طارق چانڊيو تي 10-10 لک انعام رکڻ جي
گهرو کاتي کي سفارش ڪئي آهي، هن چيو ته ڏوهارين خلاف آپريشن
شروع ڪيو آهي، ڌاڙيلن تي انعام رکڻ جي سفارش به موڪلي آهي،
دادو ضلعي مان ڏوهارين جو خاتمو آڻبو، مغوين کي جلد بازياب
ڪرائبا، بئنڪ مئنيجرن جي اغوا واقعي بعد ڏوهارين کي پناهه ڏيڻ
جي الزام هيٺ 6 ڏينهن اڳ پوليس پاران گرفتار ڪيل دادو اتحاد
جي تعلقي نائب ناظم شاهد سهول يوسي بوٿرو جي ناظم گلزار ڏهر کي
گذريل 5 ڏينهن کان گم ڪري نامعلوم هنڌ رکيو ويو آهي، جتي
سندس ملاقات به بند آهي، تعلقي نائب ناظم شاهد سهول جي گرفتاري
۽ کيس گم ڪرڻ خلاف سهول برادري جو ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ اڳواڻن
جي گرفتارين کي انتقامي ڪارروائي قرار ڏنو ويو ۽ سومر کان
احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ ڏيندي مظاهري ۽ هڙتال جو اعلان
ڪيو آهي، ٻئي طرف ٽي ايم اي ملازمن به تعلقي نائب ناظم جي
گرفتاري خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪارو ڏينهن ملهايو
۽ آفيس ۾ قلم ڇڏ هڙتال ڪئي.
|