|
روزانه ڪاوش |
|
نوشهروفيروز ۾ شادي تقريب ۾ جهيڙو،نينگر قتل نوشهروفيروز (ن ڪ) نوشهروفيروز لڳ شادي جي تقريب ۾ جهيڙو، نينگر قتل، نوشهروفيروز لڳ ڳوٺ شادي خان کوکر ۾ شادي تقريب ۾ کوکر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران جوابدار فيضل کوکر پستول جا فائر ڪري 9 سالن جي نينگر سهراب کوکر کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، نوشهروفيروز ٿاڻي تي مقتول نينگر جي ڀاءُ محمد بخش کوکر جي فرياد تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ٻنهي ڌرين ۾ مال جي ڀيل تان جهيڙو هلندڙ هو.
|