روزانه ڪاوش

4 جوابدارن ناري کي ٽنگو ٽالي ڪري زندهه ڪئنال ۾ اڇلايو:شاهد

هالاڻي: مڇي جي تلاءَ جي چوڪيدار ۽ ڪيس جي شاهد سلطان سڪندر ٻڌايو ته آئون ۽ ٻيو چوڪيدار سليم ڊيوٽي تي هئاسين ته ناري جون رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون، اسان واقعي واري هنڌ پهچي ڏٺو ته 4 جوابدارن ناري کي ٽنگو ٽالي ڪري روهڙي ڪئنال ۾ زندهه حالت ۾ ڦٽو ڪيو ۽ اسان کي ڏسي جوابدار فرار ٿي ويا، جاءِ واردات تان اسان کي ناري جا جوتا ۽ رئو هٿ آيو، جنهن تي اسان ناري جي سڃاڻپ ڪئي، جڏهن ته ناري جي ٻڏي وڃڻ سبب اسان ان کي بچائي نه سگهياسين.