ڄامشورو/ڪوٽڙي/ڪراچي(نمائندن وٽان) |
|
شهيد امير بخش بروهي ڏاڍ ڪندڙ ڌرين سان مهاڏو اٽڪايو ۽ شهيد ٿي ويو:مقرر لکي غلام شاهه/ميان صاحب(نمائندن وٽان) لکي غلام شاهه ۽ ميان صاحب ۾ صحافين پاران شڪارپور ۾ شهيد ڪيل ”ڪاوش“ ۽ ڪي ٽي اين جي عيوضي شهيد امير بخش بروهي جي پنجين ورسي ملهائي وئي. ان سلسلي ۾ لکي، ڳڙهي ياسين، شڪارپور ۽ ٻين شهرن جي صحافين شهيد امير بخش بروهي جي قبر تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون. ان موقعي تي عبدالرزاق بروهي، اسلم سومري، جميل مهر، زاهد سنجراڻي ۽ ٻين صحافين حڪومت کان گهر ڪئي ته شهيد جي قتل جي جوابدارن شاهنواز بروهي، ذوالفقار بروهي ۽ وحيد بروهي کي گرفتار ڪري شهيد جي وارثن ۽ صحافين کي انصاف ڏياريو وڃي. ٻئي طرف ميان صاحب پريس ڪلب پاران شهيد امير بخش بروهي جي پنجين ورسي هاءِ اسڪول ۾ ملهائي وئي، جنهن ۾ صحافين،سياسي ، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نوجوان صحافي زاهد نون خطاب ڪندي چيو ته ”ڪاوش“ گروپ جي صحافين سدائين ڏاڍ، ظلم ۽ ناانصافين خلاف قلم استعمال ڪيا آهن ۽ امير بخش بروهي به ”ڪاوش“ گروپ جي ان تسلسل جو حصو هو، جنهن ڪميٽيڊ رهندي شڪارپور جي ماڻهن سان ظلم ڪندڙ ڌرين سان مهاڏو اٽڪايو ۽ شهيد ٿي ويو، ايمنسٽي انٽرنيشنل جي اڳواڻ اقبال ڏيٿي چيو ته امير بخش بروهي هڪ بهادر صحافي هو، جنهن پنهنجي قلم ذريعي شڪارپور جي مسئلن کي ايوانن تائين پهچايو. صحافي عبدالرزاق بروهي چيو ته امير بخش بروهي هر خبر کي خبر جي بنياد سان هلائيندو هو، هن چيو ته 5 سال گذرڻ باوجود سندس قتل ڪيس جي جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي.هن چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب شهيد امير بخش بروهي جا وارث دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن، اقبال ساجد چيو ته امير بخش بروهي هميشه صحافين سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس ورتو ۽ هن سدائين غريب ۽ همدرد ماڻهن جي خدمت ڪئي، سلطان رند چيو ته جيڪڏهن اڄ اسين سڀ صحافي شهيد امير بخش بروهي سميت ٻين صحافين سان ٿيندڙ زيادتين لاءِ گڏ نه ٿينداسين ته صحافين سان ڏاڍايون ٿينديون رهنديون. ورسي کي سماجي اڳواڻ عبدالوحيد شيخ، عارف محمود،خالد محمود جهلڻ ۽ ٻين به خطاب ڪيو. ان موقعي تي قرارداد پاس ڪري گهر ڪئي وئي ته امير بخش بروهي جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، سندس وارثن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي سمورن صحافين سان ٿيندڙ زيادتيون بند ڪيون وڃن، مرحوم امير بخش بروهي جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ فاتح خواني به ڪئي وئي.
|