|
مشرف پاران حڪومت کي پاليسي واضح ڪرڻ لاءِ چوڻ جمهوريت تي راتاهي جي تياري آهي:قادر مگسي حيدرآباد/ٺاروشاهه(پ ر/ن ڪ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه قادر مگسي چيو آهي ته صدر مشرف پاران حڪومت کي موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽2 مهينن اندر پاليسي واضح ڪرڻ لاءِ چوڻ خطري جي گهنٽي ۽ جمهوريت تي راتاهي جي تياري آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن وفدن سان ڳالهائيندي ڪيو، قادر مگسي چيو ته شڪست کاڌل، عوام طرفان رد ٿيل ۽ ڀڃڻ جا سانباها ڪندڙ آمر موجوده سرڪار جي ڪمزورين سبب نه صرف پنهنجي پوزيشن سگهاري ڪري رهيو آهي پر هو لولي لنگڙي جمهوريت ۽ پارليامينٽ تي هلان لاءِ ماحول تيار ڪري رهيو آهي، هن چيو ته وزيراعظم جيڪڏهن پنهنجي 30 مارچ واري پهرين تقرير ۾ هٽايل ججن کي بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ها ته پرويز مشرف اڄ تائين صدارت جي عهدي تي قابض نه هجي ها، گڏيل سرڪار جيتوڻيڪ پرويز مشرف کي هٽائڻ جو شاندار موقعو ضايع ڪري ڇڏيو آهي پر هاڻي به جيڪڏهن هوش کان ڪم وٺندي گڏيل حڪومت صدر کي هٽائڻ جو جمهوري فرض ادا نه ڪيو ته پرويز مشرف هن سرڪار کي برطرف ڪري ڇڏيندو، هن چيوته عوام آمريت جو مڪمل خاتمو، حقيقي جمهوريت، آزاد عدليا ۽ سماجي تبديلي چاهي ٿو، مظلوم قومون برابري، خودمختياري ۽ پنهنجي وطن تي حاڪميت جو حق گهرن ٿيون، موجوده سرڪار کي اها حقيقت سمجهي پاليسيون ٺاهڻيون پونديون، قدم کڻڻا پوندا ۽ آئين ۾ تبديليون آڻڻيون پونديون. حڪومت چارٽر آف ڊيموڪريسي، لنڊن اي پي سي ۽ چونڊن دوران ڪيل واعدن کي وساري جمهوري ۽ عوامي ايجنڊا کان منهن موڙي غلطين مٿان غلطيون ڪري رهي آهي، هن چيوته جيڪڏهن گڏيل سرڪار عوام جي ڏوهاري بڻجي برطرف ٿيڻ کان بچڻ چاهي ٿي ته کيس پنهنجا بنيادي دوست ڪرڻا پوندا، چارٽر آف ڊيموڪريسي ۽ لنڊن اي پي سي ۾ ڪيل واعدن کي عملي شڪل ڏيڻي پوندي، ٻئي طرف ٺاروشاهه ۾ ايس ٽي پي جو ورڪرز ڪنوينشن ٿيو، ڪنوينشن کي پارٽي جي وائيس علي حسن چانڊيو خطاب ڪيو.
|