|
روزانه ڪاوش |
|
پاڪستان هيمبرگ ماسٽرز هاڪي ٽورنامينٽ ۾ بيلجيم کي هارائي ڇڏيو هيمبرگ (اسپورٽس ڊيسڪ) جرمني ۾ جاري هيمبرگ ماسٽرز هاڪي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان جي هاڪي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ ۾ بيلجيم کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 3 جي مقابلي ۾ 6 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي، خانگي ٽي وي موجب بيلجيم خلاف ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم جو پلڙو ڳرو رهيو، بيلجيم جي ٽيم جو دفاع انتهائي ڪمزور رهيو ۽ اهڙي طرح پاڪستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ بيلجيم جي ٽيم کي هارائي ڪامياب شروعات ڪئي آهي.
|