|
روزانه ڪاوش |
|
ڏهه لک ڊالر ملڻ جي صورت ۾ ئي 3 ملڪي سيريز کيڏنداسين:سريلنڪن بورڊ جو مطالبو ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ)سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي تجويز ڪيل ڏکڻ آَفريقا ۾ ٿيندڙ غير شيڊيولڊ 3 ملڪي سيريز ۾ شرڪت لاءِ پي سي بي کان 10 لک آمريڪي ڊالرن جو مطالبو ڪري ورتو آهي.واضح رهي ته چيمپئنز ٽرافي ملتوي ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ان جو خال ڀرڻ لاءِ ڏکڻ آفريقا ۾ 3 ملڪي سيريز ڪرائڻ چاهي ٿو. پاڪستان سريلنڪن بورڊ کي 3 لک ڊالر ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، پر سريلنڪن بورڊ پي سي بي جي مجبوريءَ مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ 10 لک آمريڪي ڊالر گهري ورتا آهن، جڏهن ته اسپانسرز نه ملڻ ڪري ڏکڻ آَفريقا ۾ ٿيندڙ 3 ملڪي سيريز جي نه ٿيڻ جا امڪان پڻ وڌي رهيا آهن،جڏهن ته ٿي سگهي ٿو ته پاڪستان جون ڪيل سموريون ڪوششون ضايع ٿي وڃن.
|