روزانه ڪاوش

آءِ سي سي ٽاسڪ فورس جي بريفنگ باوجود آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جا خدشا برقرار

ڪرائسٽ چرچ/ميلبورن (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۾ 12 سيپٽمبر  کان شروع ٿيندڙ آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ۾ باقي مهيني کان به گهٽ وقت بچيو آهي پر آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جا بورڊ ۽ رانديگر آءِ سي سي جي ٽاسڪ فورس جي بريفنگ باوجود ڪو حتمي فيصلو نه ڪري سگهياآهن، آءِ سي سي ٽاسڪ فورس آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي رانديگرن ۽ بورڊ جي اختيارين جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ انهن سان ڊگهيون ملاقاتون ڪري کين بريفنگ پڻ ڏني پر ٽاسڪ فورس کي ڪو مثبت جواب نه مليو، جڏهن ته انهن جا سيڪيورٽي بابت خدشا برقرار آهن، آءِ سي سي ٽاسڪ فورس نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ، رانديگرن، ٽيم مئنيجمينٽ ۽ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽر ايسوسيئيشن جي سربراهن سان ملاقات ڪئي پر انهن کي پاڪستان ۾ چيمپئنز ٽرافي کيڏڻ لاءِ راضي نه ڪري سگهي، گڏجاڻي بعد نيوزيلينڊ ڪرڪيٽرز ايسوسيئيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو صحافين کي ٻڌايو ته اسان کي اڃا پاڪستان ۾ رانديگرن جي سيڪيورٽي بابت خدشا آهن، هوڏانهن ميلبورن ۾ به آءِ سي سي جي وفد رڪي پونٽنگ، مائيڪل ڪلارڪ، آسٽريلوي بورڊ جي عهديدارن ۽ پليئرز يونين جي سربراهه پائول مارش سان ان سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي پر آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ کين حتمي فيصلو نه ٻڌايو، آءِ سي سي جي جنرل مئنيجر ڊيو رچرڊسن چيو ته جيڪڏهن اهم ٽيمون پاڪستان ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪن ٿيون ته چيمپئنز ٽرافي کي سريلنڪا ۾ منتقل ڪرڻ جو آپشن موجود آهي، هاڻي وقت تمام ٿورو بچيو آهي، ان ڪري هاڻي چيمپئنز ٽرافي منتقل ڪرڻ وارو فيصلو جلد ڪرڻ جي ضرورت آهي.